Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #95 Translated in Sindhi

كَذَٰلِكَ وَقَدْ أَحَطْنَا بِمَا لَدَيْهِ خُبْرًا
اھڙي طرح (سندس قصو آھي)، ۽ بيشڪ اسان وٽ اُن جي ساري خبر آھي
ثُمَّ أَتْبَعَ سَبَبًا
وري سامان (جي مدد) سان ھليو
حَتَّىٰ إِذَا بَلَغَ بَيْنَ السَّدَّيْنِ وَجَدَ مِنْ دُونِهِمَا قَوْمًا لَا يَكَادُونَ يَفْقَهُونَ قَوْلًا
ايترو جوجڏھن ٻن جبلن جي وچ ۾ پھتو تہ اُنھن جي ھِن پاسي اھڙي قوم ڏٺائين جا ڪابہ ڳالھ سمجھي نہ ٿي سگھي
قَالُوا يَا ذَا الْقَرْنَيْنِ إِنَّ يَأْجُوجَ وَمَأْجُوجَ مُفْسِدُونَ فِي الْأَرْضِ فَهَلْ نَجْعَلُ لَكَ خَرْجًا عَلَىٰ أَنْ تَجْعَلَ بَيْنَنَا وَبَيْنَهُمْ سَدًّا
چيائون تہ اي ذوالقرنين! بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج مُلڪ ۾ فساد وجھندڙ آھن تنھن ڪري تو لاءِ اسين ھن شرط تي ڏن مقرر ڪريون تہ تون اسان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻاءِ
قَالَ مَا مَكَّنِّي فِيهِ رَبِّي خَيْرٌ فَأَعِينُونِي بِقُوَّةٍ أَجْعَلْ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَهُمْ رَدْمًا
(ذوالقرنين) چيو تہ منھنجي پالڻھار جيڪا مون کي ان بابت سگھ ڏني آھي سا ڀلي آھي، پوءِ اوھين مون سان زور بار جي مدد ڪريو تہ اوھان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻايان

Choose other languages: