Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #94 Translated in Sindhi

حَتَّىٰ إِذَا بَلَغَ مَطْلِعَ الشَّمْسِ وَجَدَهَا تَطْلُعُ عَلَىٰ قَوْمٍ لَمْ نَجْعَلْ لَهُمْ مِنْ دُونِهَا سِتْرًا
ايترو (سفر ڪيائين) جو سج اُڀرڻ جي ھنڌ پھتو تہ اُھو ھڪ اھڙي قوم تي اُڀرندو ڏٺائين جن لاءِ سج کان اوريان ڪا اوٽ نہ بڻائي ھئي سون
كَذَٰلِكَ وَقَدْ أَحَطْنَا بِمَا لَدَيْهِ خُبْرًا
اھڙي طرح (سندس قصو آھي)، ۽ بيشڪ اسان وٽ اُن جي ساري خبر آھي
ثُمَّ أَتْبَعَ سَبَبًا
وري سامان (جي مدد) سان ھليو
حَتَّىٰ إِذَا بَلَغَ بَيْنَ السَّدَّيْنِ وَجَدَ مِنْ دُونِهِمَا قَوْمًا لَا يَكَادُونَ يَفْقَهُونَ قَوْلًا
ايترو جوجڏھن ٻن جبلن جي وچ ۾ پھتو تہ اُنھن جي ھِن پاسي اھڙي قوم ڏٺائين جا ڪابہ ڳالھ سمجھي نہ ٿي سگھي
قَالُوا يَا ذَا الْقَرْنَيْنِ إِنَّ يَأْجُوجَ وَمَأْجُوجَ مُفْسِدُونَ فِي الْأَرْضِ فَهَلْ نَجْعَلُ لَكَ خَرْجًا عَلَىٰ أَنْ تَجْعَلَ بَيْنَنَا وَبَيْنَهُمْ سَدًّا
چيائون تہ اي ذوالقرنين! بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج مُلڪ ۾ فساد وجھندڙ آھن تنھن ڪري تو لاءِ اسين ھن شرط تي ڏن مقرر ڪريون تہ تون اسان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻاءِ

Choose other languages: