Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #88 Translated in Sindhi

إِنَّا مَكَّنَّا لَهُ فِي الْأَرْضِ وَآتَيْنَاهُ مِنْ كُلِّ شَيْءٍ سَبَبًا
بيشڪ اسان اُن کي زمين ۾ مضبوط حڪومت ڏني ۽ سڀ ڪنھن شئي جو سان کيس ڏنوسون
فَأَتْبَعَ سَبَبًا
پوءِ سامان (جي مدد) سان ھليو
حَتَّىٰ إِذَا بَلَغَ مَغْرِبَ الشَّمْسِ وَجَدَهَا تَغْرُبُ فِي عَيْنٍ حَمِئَةٍ وَوَجَدَ عِنْدَهَا قَوْمًا ۗ قُلْنَا يَا ذَا الْقَرْنَيْنِ إِمَّا أَنْ تُعَذِّبَ وَإِمَّا أَنْ تَتَّخِذَ فِيهِمْ حُسْنًا
ايترو (سير ڪيائين) جو سچ لھڻ جي ھنڌ پھتو اُن کي گپڙاٺي تلاءُ ۾ لھندو ڏٺائين ۽ اُن (تلاءُ) وٽ ھڪ قوم کي ڏٺائين، چيوسون تہ اي ذوالقرنين! اُنھن کي سزا ڏين يا منجھن ڪو چڱائيءَ جو سڌارو ڪرين (تہ تو کي اختيار آھي)
قَالَ أَمَّا مَنْ ظَلَمَ فَسَوْفَ نُعَذِّبُهُ ثُمَّ يُرَدُّ إِلَىٰ رَبِّهِ فَيُعَذِّبُهُ عَذَابًا نُكْرًا
(ذوالقرنين) چيو تہ جيڪو (ماڻھو) ظلم ڪندو تنھن کي سزا ڏينداسون وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن ورايو ويندو پوءِ اُھو کيس سخت عذاب جي سزا ڏيندو
وَأَمَّا مَنْ آمَنَ وَعَمِلَ صَالِحًا فَلَهُ جَزَاءً الْحُسْنَىٰ ۖ وَسَنَقُولُ لَهُ مِنْ أَمْرِنَا يُسْرًا
۽ جيڪو ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کي چڱو بدلو ملندو، ۽ پنھنجي معاملي مان اُن کي سولائي (جھڙو ڪم) چونداسون

Choose other languages: