Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #85 Translated in Sindhi

فَأَرَدْنَا أَنْ يُبْدِلَهُمَا رَبُّهُمَا خَيْرًا مِنْهُ زَكَاةً وَأَقْرَبَ رُحْمًا
پوءِ گھُريوسون تہ سندن پالڻھار کين اُن جي بدلي اُن کان بہ پاڪبازيءَ جي ڪري وڌيڪ ڀلو ۽ ٻاجھ جي ڪري وڌيڪ ويجھو (اولاد) ڏئي
وَأَمَّا الْجِدَارُ فَكَانَ لِغُلَامَيْنِ يَتِيمَيْنِ فِي الْمَدِينَةِ وَكَانَ تَحْتَهُ كَنْزٌ لَهُمَا وَكَانَ أَبُوهُمَا صَالِحًا فَأَرَادَ رَبُّكَ أَنْ يَبْلُغَا أَشُدَّهُمَا وَيَسْتَخْرِجَا كَنْزَهُمَا رَحْمَةً مِنْ رَبِّكَ ۚ وَمَا فَعَلْتُهُ عَنْ أَمْرِي ۚ ذَٰلِكَ تَأْوِيلُ مَا لَمْ تَسْطِعْ عَلَيْهِ صَبْرًا
۽ جا ڀِت (ٺاھي ويئي) سا شھر ۾ ٻن يتيمن ٻارن جي ھُئي ۽ ان جي ھيٺان سندن خزانون ھو ۽ سندن ماءُ پيءُ نيڪ ھئا، پوءِ تنھنجي پالڻھار گھريو تہ ٻئي پنھنجي جواني کي پھچن ۽ پنھنجو خزانو تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان ڪڍن، ۽ اِھو پنھنجي راءِ سان نہ ڪيم، اِھا اُن جي حقيقت آھي جنھن تي تو صبر ڪري نہ سگھيو
وَيَسْأَلُونَكَ عَنْ ذِي الْقَرْنَيْنِ ۖ قُلْ سَأَتْلُو عَلَيْكُمْ مِنْهُ ذِكْرًا
۽ (اي پيغمبر!) توکان ذوالقرنين بابت پڇن ٿا، چئو تہ اوھان کي اُن جو (ڪُجھ) بيان ڪري ٻڌايان ٿو
إِنَّا مَكَّنَّا لَهُ فِي الْأَرْضِ وَآتَيْنَاهُ مِنْ كُلِّ شَيْءٍ سَبَبًا
بيشڪ اسان اُن کي زمين ۾ مضبوط حڪومت ڏني ۽ سڀ ڪنھن شئي جو سان کيس ڏنوسون
فَأَتْبَعَ سَبَبًا
پوءِ سامان (جي مدد) سان ھليو

Choose other languages: