Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Jathiya Ayahs #30 Translated in Sindhi

قُلِ اللَّهُ يُحْيِيكُمْ ثُمَّ يُمِيتُكُمْ ثُمَّ يَجْمَعُكُمْ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ لَا رَيْبَ فِيهِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ الله اوھان کي جياريندو آھي، وري اوھان کي ماريندو، وري اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ ڪو شڪ نہ آھي، گڏ ڪندو پر گھڻا ماڻھو (اِن ڳالھ کي) نہ ڄاڻندا آھن
وَلِلَّهِ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَيَوْمَ تَقُومُ السَّاعَةُ يَوْمَئِذٍ يَخْسَرُ الْمُبْطِلُونَ
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي ۽ جنھن ڏينھن قيامت ٿيندي، تنھن ڏينھن ڪوڙا نقصان پائيندا
وَتَرَىٰ كُلَّ أُمَّةٍ جَاثِيَةً ۚ كُلُّ أُمَّةٍ تُدْعَىٰ إِلَىٰ كِتَابِهَا الْيَوْمَ تُجْزَوْنَ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
۽ (اي پيغمبر!) ھر ڪنھن ٽوليءَ کي گوڏن ڀر (ويٺل) ڏسندين، سڀڪا ٽولي پنھنجي اعمالنامي ڏانھن سڏبي (چئبو) تہ جيڪي (اوھين) ڪندا ھئو تنھن جو اڄ اوھان کي بدلو ڏبو
هَٰذَا كِتَابُنَا يَنْطِقُ عَلَيْكُمْ بِالْحَقِّ ۚ إِنَّا كُنَّا نَسْتَنْسِخُ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
(چونداسون) ھيءُ اسان جو دفتر آھي، جو اوھان تي پوري حقيقت پڌري ڪري ٿو، بيشڪ جيڪي اوھين ڪندا ھئو سو اسين لکندا ھئاسون
فَأَمَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ فَيُدْخِلُهُمْ رَبُّهُمْ فِي رَحْمَتِهِ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْمُبِينُ
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار پنھنجيءَ ٻاجھ ھيٺ داخل ڪندو، اِھا پڌري مراد ماڻڻ آھي

Choose other languages: