Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Jathiya Ayahs #33 Translated in Sindhi

هَٰذَا كِتَابُنَا يَنْطِقُ عَلَيْكُمْ بِالْحَقِّ ۚ إِنَّا كُنَّا نَسْتَنْسِخُ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
(چونداسون) ھيءُ اسان جو دفتر آھي، جو اوھان تي پوري حقيقت پڌري ڪري ٿو، بيشڪ جيڪي اوھين ڪندا ھئو سو اسين لکندا ھئاسون
فَأَمَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ فَيُدْخِلُهُمْ رَبُّهُمْ فِي رَحْمَتِهِ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْمُبِينُ
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار پنھنجيءَ ٻاجھ ھيٺ داخل ڪندو، اِھا پڌري مراد ماڻڻ آھي
وَأَمَّا الَّذِينَ كَفَرُوا أَفَلَمْ تَكُنْ آيَاتِي تُتْلَىٰ عَلَيْكُمْ فَاسْتَكْبَرْتُمْ وَكُنْتُمْ قَوْمًا مُجْرِمِينَ
۽ جن ڪُفر ڪيو (تن کي چئبو) تہ اوھان وٽ منھنجيون آيتون نہ پڙھبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھان وڏائي ڪئي ۽ ڏوھاري قوم ھئو
وَإِذَا قِيلَ إِنَّ وَعْدَ اللَّهِ حَقٌّ وَالسَّاعَةُ لَا رَيْبَ فِيهَا قُلْتُمْ مَا نَدْرِي مَا السَّاعَةُ إِنْ نَظُنُّ إِلَّا ظَنًّا وَمَا نَحْنُ بِمُسْتَيْقِنِينَ
۽ جڏھن چئبو ھيوَ تہ الله جو وعدو سچو آھي ۽ قيامت ۾ ڪو شڪ ڪونہ آھي (تڏھن) چوندا ھئو تہ (اسين) نہ ڄاڻندا آھيون تہ قيامت ڇا آھي، اسين رڳو ھڪ (ٿورو) گمان ڀائيندا آھيون ۽ اسين (ڪڏھن) يقين ڪرڻ وارا نہ آھيون
وَبَدَا لَهُمْ سَيِّئَاتُ مَا عَمِلُوا وَحَاقَ بِهِمْ مَا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُونَ
۽ جيڪي ڪمايو ھئائون تنھن جون مدايون کين پڌريون ٿينديون ۽ جنھن شئي تي چٿرون ڪندا ھئا سا کين وڪوڙي ويندي

Choose other languages: