Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Jathiya Ayahs #25 Translated in Sindhi

أَمْ حَسِبَ الَّذِينَ اجْتَرَحُوا السَّيِّئَاتِ أَنْ نَجْعَلَهُمْ كَالَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ سَوَاءً مَحْيَاهُمْ وَمَمَاتُهُمْ ۚ سَاءَ مَا يَحْكُمُونَ
جن مدايون ڪيون سي ڀائيندا آھن ڇا تہ کين انھن وانگر ڪنداسون، جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا؟ تہ سندن جيئڻ ۽ سندن مرڻ ھڪ جھڙو ھوندو، (اھو) جيڪو فيصلو ڪندا آھن، سو بڇڙو آھي
وَخَلَقَ اللَّهُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ بِالْحَقِّ وَلِتُجْزَىٰ كُلُّ نَفْسٍ بِمَا كَسَبَتْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ
۽ الله آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رٿ سان بڻايو ۽ ھن لاءِ تہ ھر ڪنھن شخص جيڪي ڪمايو، تنھن بابت کيس بدلو ڏجي ۽ مٿن ظلم نہ ڪبو
أَفَرَأَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلَٰهَهُ هَوَاهُ وَأَضَلَّهُ اللَّهُ عَلَىٰ عِلْمٍ وَخَتَمَ عَلَىٰ سَمْعِهِ وَقَلْبِهِ وَجَعَلَ عَلَىٰ بَصَرِهِ غِشَاوَةً فَمَنْ يَهْدِيهِ مِنْ بَعْدِ اللَّهِ ۚ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
(اي پيغمبر!) اُنھيءَ کي (نہ) ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جنھن پنھنجي (نفس جي) سَڌ کي معبود ڪري ورتو ۽ علم ھوندي (گمراھ ٿيو تہ) الله کيس گمراھ ڪيو ۽ سندس ڪنن تي ۽ سنديس دل تي مُھر ھنيائين ۽ سنديس اکين تي پردو وڌائين، پوءِ الله کانسواءِ کيس ڪير ھدايت ڪندو؟ پوءِ ڇو نہ نصيحت وٺندا آھيو؟
وَقَالُوا مَا هِيَ إِلَّا حَيَاتُنَا الدُّنْيَا نَمُوتُ وَنَحْيَا وَمَا يُهْلِكُنَا إِلَّا الدَّهْرُ ۚ وَمَا لَهُمْ بِذَٰلِكَ مِنْ عِلْمٍ ۖ إِنْ هُمْ إِلَّا يَظُنُّونَ
۽ چوندا آھن تہ اسان جي رڳو ھيءَ دنيا جي حياتي آھي، جو مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسان کي رڳو زمانو ماريندو آھي ۽ ان (ڳالھ) جي کين ڪا ڄاڻپ نہ آھي، اھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن
وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ آيَاتُنَا بَيِّنَاتٍ مَا كَانَ حُجَّتَهُمْ إِلَّا أَنْ قَالُوا ائْتُوا بِآبَائِنَا إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) سندن حجت رڳو ھيءُ چوڻ ھوندو آھي تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اسان جي پيءُ ڏاڏن کي (جيئرو ڪري) آڻيو

Choose other languages: