Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Jathiya Ayahs #28 Translated in Sindhi

وَقَالُوا مَا هِيَ إِلَّا حَيَاتُنَا الدُّنْيَا نَمُوتُ وَنَحْيَا وَمَا يُهْلِكُنَا إِلَّا الدَّهْرُ ۚ وَمَا لَهُمْ بِذَٰلِكَ مِنْ عِلْمٍ ۖ إِنْ هُمْ إِلَّا يَظُنُّونَ
۽ چوندا آھن تہ اسان جي رڳو ھيءَ دنيا جي حياتي آھي، جو مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسان کي رڳو زمانو ماريندو آھي ۽ ان (ڳالھ) جي کين ڪا ڄاڻپ نہ آھي، اھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن
وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ آيَاتُنَا بَيِّنَاتٍ مَا كَانَ حُجَّتَهُمْ إِلَّا أَنْ قَالُوا ائْتُوا بِآبَائِنَا إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) سندن حجت رڳو ھيءُ چوڻ ھوندو آھي تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اسان جي پيءُ ڏاڏن کي (جيئرو ڪري) آڻيو
قُلِ اللَّهُ يُحْيِيكُمْ ثُمَّ يُمِيتُكُمْ ثُمَّ يَجْمَعُكُمْ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ لَا رَيْبَ فِيهِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ الله اوھان کي جياريندو آھي، وري اوھان کي ماريندو، وري اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ ڪو شڪ نہ آھي، گڏ ڪندو پر گھڻا ماڻھو (اِن ڳالھ کي) نہ ڄاڻندا آھن
وَلِلَّهِ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَيَوْمَ تَقُومُ السَّاعَةُ يَوْمَئِذٍ يَخْسَرُ الْمُبْطِلُونَ
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي ۽ جنھن ڏينھن قيامت ٿيندي، تنھن ڏينھن ڪوڙا نقصان پائيندا
وَتَرَىٰ كُلَّ أُمَّةٍ جَاثِيَةً ۚ كُلُّ أُمَّةٍ تُدْعَىٰ إِلَىٰ كِتَابِهَا الْيَوْمَ تُجْزَوْنَ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
۽ (اي پيغمبر!) ھر ڪنھن ٽوليءَ کي گوڏن ڀر (ويٺل) ڏسندين، سڀڪا ٽولي پنھنجي اعمالنامي ڏانھن سڏبي (چئبو) تہ جيڪي (اوھين) ڪندا ھئو تنھن جو اڄ اوھان کي بدلو ڏبو

Choose other languages: