Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Insan Ayahs #21 Translated in Sindhi

وَيُسْقَوْنَ فِيهَا كَأْسًا كَانَ مِزَاجُهَا زَنْجَبِيلًا
۽ اُتي کين شراب جا پيالا پياربا، جنھن (جي پاڻيءَ) جي ملاوت سُنڍ (جي چشمي) جي ھوندي
عَيْنًا فِيهَا تُسَمَّىٰ سَلْسَبِيلًا
اُتي اُھو ھڪ چشمو آھي، جنھن جو سَلسَبيل نالو رکيو ٿو وڃي
وَيَطُوفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُخَلَّدُونَ إِذَا رَأَيْتَهُمْ حَسِبْتَهُمْ لُؤْلُؤًا مَنْثُورًا
۽ وٽن ھميشہ رھندڙ نينگر پيا گھمندا ڦرندا (اي ڏسندڙ!) جڏھن انھن کي ڏسندين (تڏھن) انھن کي کنڊيل موتي پيو ڀائيندين
وَإِذَا رَأَيْتَ ثَمَّ رَأَيْتَ نَعِيمًا وَمُلْكًا كَبِيرًا
۽ جڏھن اُتي نھاريندين (تڏھن) اَڻ کٽ نعمت ۽ وڏي بادشاھي پيو ڏسندين
عَالِيَهُمْ ثِيَابُ سُنْدُسٍ خُضْرٌ وَإِسْتَبْرَقٌ ۖ وَحُلُّوا أَسَاوِرَ مِنْ فِضَّةٍ وَسَقَاهُمْ رَبُّهُمْ شَرَابًا طَهُورًا
مٿانئن سنھي سائي پَٽ جا ۽ ٿُلھي پَٽ جا ڪپڙا ھوندا ۽ چانديءَ جا ڪنگڻ کين پارايا ويندا ۽ سندن پالڻھار کين تمام پاڪ شراب پياريندو

Choose other languages: