Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #55 Translated in Sindhi

وَلَوْ شِئْنَا لَبَعَثْنَا فِي كُلِّ قَرْيَةٍ نَذِيرًا
۽ جيڪڏھن گھرون ھا تہ ھر ھڪ ڳوٺ ۾ ھڪ ڊيڄاريندڙ موڪليون ھا
فَلَا تُطِعِ الْكَافِرِينَ وَجَاهِدْهُمْ بِهِ جِهَادًا كَبِيرًا
پوءِ تون ڪافرن جو چيو نہ مڃ ۽ اُن (قرآن جي حُڪم) سان (مقابلي طرح) ساڻن وڏو جھاد ڪر
وَهُوَ الَّذِي مَرَجَ الْبَحْرَيْنِ هَٰذَا عَذْبٌ فُرَاتٌ وَهَٰذَا مِلْحٌ أُجَاجٌ وَجَعَلَ بَيْنَهُمَا بَرْزَخًا وَحِجْرًا مَحْجُورًا
۽ (الله) اُھو آھي، جنھن ٻن دريائن کي پاڻ ۾ ملايو جو ھيءُ (ھڪڙو) مِٺو اُڃ لاھيندڙ ۽ ھيءُ (ٻيو) لوڻاٺيو کارو آھي، ۽ سندن وچ ۾ اوٽ ۽ مضبوط پردو بڻايائين
وَهُوَ الَّذِي خَلَقَ مِنَ الْمَاءِ بَشَرًا فَجَعَلَهُ نَسَبًا وَصِهْرًا ۗ وَكَانَ رَبُّكَ قَدِيرًا
۽ (الله) اُھو آھي جنھن پاڻيءَ مان ماڻھوءَ کي بڻايو پوءِ کيس پيڙھيءَ ۽ سيڻپيءَ (ساھراڻ) جي مائٽيءَ وارو ڪيائين، ۽ تنھنجو پالڻھار وس وارو آھي
وَيَعْبُدُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ مَا لَا يَنْفَعُهُمْ وَلَا يَضُرُّهُمْ ۗ وَكَانَ الْكَافِرُ عَلَىٰ رَبِّهِ ظَهِيرًا
۽ الله کان سواءِ اھڙن جي پوڄا ڪندا آھن، جي کين نہ ڪي سُک ڏين ۽ نہ ڪو کين ڏک پھچائن، ۽ ڪافر پنھنجي پالڻھار کي پُٺي ڏيڻ وارو آھي

Choose other languages: