Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #58 Translated in Sindhi

وَهُوَ الَّذِي خَلَقَ مِنَ الْمَاءِ بَشَرًا فَجَعَلَهُ نَسَبًا وَصِهْرًا ۗ وَكَانَ رَبُّكَ قَدِيرًا
۽ (الله) اُھو آھي جنھن پاڻيءَ مان ماڻھوءَ کي بڻايو پوءِ کيس پيڙھيءَ ۽ سيڻپيءَ (ساھراڻ) جي مائٽيءَ وارو ڪيائين، ۽ تنھنجو پالڻھار وس وارو آھي
وَيَعْبُدُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ مَا لَا يَنْفَعُهُمْ وَلَا يَضُرُّهُمْ ۗ وَكَانَ الْكَافِرُ عَلَىٰ رَبِّهِ ظَهِيرًا
۽ الله کان سواءِ اھڙن جي پوڄا ڪندا آھن، جي کين نہ ڪي سُک ڏين ۽ نہ ڪو کين ڏک پھچائن، ۽ ڪافر پنھنجي پالڻھار کي پُٺي ڏيڻ وارو آھي
وَمَا أَرْسَلْنَاكَ إِلَّا مُبَشِّرًا وَنَذِيرًا
۽ (اي پيغمبر!) اسان تو کي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آھي
قُلْ مَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِلَّا مَنْ شَاءَ أَنْ يَتَّخِذَ إِلَىٰ رَبِّهِ سَبِيلًا
(کين) چئو تہ، آءٌ اوھان کان اُن (قرآن جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، پر جيڪو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺڻ گھري (سو ڀل تہ وٺي)
وَتَوَكَّلْ عَلَى الْحَيِّ الَّذِي لَا يَمُوتُ وَسَبِّحْ بِحَمْدِهِ ۚ وَكَفَىٰ بِهِ بِذُنُوبِ عِبَادِهِ خَبِيرًا
۽ (اي پيغمبر! تون اُنھيءَ الله) جيئري تي ڀروسو ڪر، جيڪو (ڪڏھن) نہ مرندو ۽ سنديس ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر، ۽ اُھو پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڪافي آھي

Choose other languages: