Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #39 Translated in Sindhi

وَلَقَدْ آتَيْنَا مُوسَى الْكِتَابَ وَجَعَلْنَا مَعَهُ أَخَاهُ هَارُونَ وَزِيرًا
۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون ۽ ساڻس سندس ڀاءُ ھارون وزير ڪيوسون
فَقُلْنَا اذْهَبَا إِلَى الْقَوْمِ الَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا فَدَمَّرْنَاهُمْ تَدْمِيرًا
پوءِ چيوسون تہ (ٻئي) اُنھيءَ قوم ڏانھن وڃو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، پوءِ (آخر) کين پاڙئون پٽيوسون
وَقَوْمَ نُوحٍ لَمَّا كَذَّبُوا الرُّسُلَ أَغْرَقْنَاهُمْ وَجَعَلْنَاهُمْ لِلنَّاسِ آيَةً ۖ وَأَعْتَدْنَا لِلظَّالِمِينَ عَذَابًا أَلِيمًا
۽ نوح جي قوم جڏھن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو (تڏھن) کين ٻوڙيوسون ۽ کين ماڻھن لاءِ (عبرت وٺڻ جي) نشاني بڻايو سون، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيوسون
وَعَادًا وَثَمُودَ وَأَصْحَابَ الرَّسِّ وَقُرُونًا بَيْنَ ذَٰلِكَ كَثِيرًا
۽ عادين ۽ ثمودين ۽ رَس وارن ۽ اُنھن جي وچ ۾ گھڻن جُڳن کي (ناس ڪيوسون)
وَكُلًّا ضَرَبْنَا لَهُ الْأَمْثَالَ ۖ وَكُلًّا تَبَّرْنَا تَتْبِيرًا
۽ ھر ھڪ کي بيان ڪري ٻڌايوسون، ۽ سڀني کي ناس ڪيوسون (جيئن) ناس ڪرڻ (گھرجي)

Choose other languages: