Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #36 Translated in Sindhi

وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لَوْلَا نُزِّلَ عَلَيْهِ الْقُرْآنُ جُمْلَةً وَاحِدَةً ۚ كَذَٰلِكَ لِنُثَبِّتَ بِهِ فُؤَادَكَ ۖ وَرَتَّلْنَاهُ تَرْتِيلًا
۽ ڪافر چون ٿا تہ، پيغمبر تي سارو قرآن ھڪ ئي ڀيري ڇو نہ نازل ڪيو ويو؟ اھڙيءَ طرح (ٿورو ٿورو ڪري لاٿوسون)، تہ اُن سان تنھنجيءَ دل کي مضبوط ڪريون ۽ اُھو آھستي آھستي پڙھي ٻڌايوسون
وَلَا يَأْتُونَكَ بِمَثَلٍ إِلَّا جِئْنَاكَ بِالْحَقِّ وَأَحْسَنَ تَفْسِيرًا
۽ (ڪافر) تو وٽ اھڙي ڪا حُجّت نہ ٿا آڻين جنھنجو اسين سچو (جواب) ۽ وڌيڪ سھڻو تفصيل تو وٽ نہ ٿا آڻيون
الَّذِينَ يُحْشَرُونَ عَلَىٰ وُجُوهِهِمْ إِلَىٰ جَهَنَّمَ أُولَٰئِكَ شَرٌّ مَكَانًا وَأَضَلُّ سَبِيلًا
جيڪي پنھنجن منھن ڀر دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا اُھي جاءِ جي اعتبار کان تمام بُڇڙا ۽ واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن!
وَلَقَدْ آتَيْنَا مُوسَى الْكِتَابَ وَجَعَلْنَا مَعَهُ أَخَاهُ هَارُونَ وَزِيرًا
۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون ۽ ساڻس سندس ڀاءُ ھارون وزير ڪيوسون
فَقُلْنَا اذْهَبَا إِلَى الْقَوْمِ الَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا فَدَمَّرْنَاهُمْ تَدْمِيرًا
پوءِ چيوسون تہ (ٻئي) اُنھيءَ قوم ڏانھن وڃو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، پوءِ (آخر) کين پاڙئون پٽيوسون

Choose other languages: