Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #94 Translated in Sindhi

وَقَالَ الْمَلَأُ الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْ قَوْمِهِ لَئِنِ اتَّبَعْتُمْ شُعَيْبًا إِنَّكُمْ إِذًا لَخَاسِرُونَ
۽ سندس قوم مان ڪافرن جي ٽولي (پنھنجي يارن کي) چيو تہ جيڪڏھن اوھين شعيب جي تابعداري ڪندؤ تہ اوھين اُتي جو اُتي نقصان وارا ٿيندؤ
فَأَخَذَتْهُمُ الرَّجْفَةُ فَأَصْبَحُوا فِي دَارِهِمْ جَاثِمِينَ
پوءِ اُنھن کي زلزلي (جي عذاب) ورتو پوءِ پنھنجي جاين ۾ گوڏن ڀر ڪري (مري) ويا
الَّذِينَ كَذَّبُوا شُعَيْبًا كَأَنْ لَمْ يَغْنَوْا فِيهَا ۚ الَّذِينَ كَذَّبُوا شُعَيْبًا كَانُوا هُمُ الْخَاسِرِينَ
جن شعيب کي ڪوڙو ڀانيو سي ڄڻڪ اُنھن (ڳوٺن) ۾ رھيا ئي نہ ھئا، جن شعيب کي ڪوڙو ڀانيو سي نقصان وارا ھئا
فَتَوَلَّىٰ عَنْهُمْ وَقَالَ يَا قَوْمِ لَقَدْ أَبْلَغْتُكُمْ رِسَالَاتِ رَبِّي وَنَصَحْتُ لَكُمْ ۖ فَكَيْفَ آسَىٰ عَلَىٰ قَوْمٍ كَافِرِينَ
پوءِ کانئن مُنھن موڙيائين ۽ چيائين تہ اي منھنجي قوم! بيشڪ اوھان کي پنھنجي پالڻھار جا پيغام پھچايا اٿم ۽ اوھانجي خيرخواھي ڪيم، تنھنڪري (ھاڻي) ڪافر قوم تي ڇالاءِ ڏک ڪريان
وَمَا أَرْسَلْنَا فِي قَرْيَةٍ مِنْ نَبِيٍّ إِلَّا أَخَذْنَا أَهْلَهَا بِالْبَأْسَاءِ وَالضَّرَّاءِ لَعَلَّهُمْ يَضَّرَّعُونَ
۽ ڪنھن ڳوٺ ۾ پيغمبرن مان ڪوبہ نہ موڪليوسون پر اُتي جي رھاڪن کي (پيغمبرن جي نافرمانيءَ سبب) سختي ۽ مصيبت ۾ پڪڙيندا رھياسون تہ منَ اُھي عاجزي ڪن

Choose other languages: