Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #61 Translated in Sindhi

وَهُوَ الَّذِي يُرْسِلُ الرِّيَاحَ بُشْرًا بَيْنَ يَدَيْ رَحْمَتِهِ ۖ حَتَّىٰ إِذَا أَقَلَّتْ سَحَابًا ثِقَالًا سُقْنَاهُ لِبَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَنْزَلْنَا بِهِ الْمَاءَ فَأَخْرَجْنَا بِهِ مِنْ كُلِّ الثَّمَرَاتِ ۚ كَذَٰلِكَ نُخْرِجُ الْمَوْتَىٰ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ
۽ اُھو (الله) آھي جو وائن کي پنھنجي رحمت (واريءَ برسات) جي اڳيان خوشخبري ڏيندڙ ڪري گھلائيندو آھي، تان جو جنھن مھل (اُھي) ڳرن ڪڪرن کي کڻن ٿيون تہ انھن کي ڪنھن غير آباد ٿيل ڏيھ ڏانھن روانو ڪريون ٿا پوءِ اُنھن (ڪڪرن) مان پاڻي وسايون ٿا پوءِ اُن سان ھر جنس جا ميوا ڄمايون ٿا، اھڙيءَ طرح اسين مُئن کي (قبرن مان) ٻاھر ڪڍنداسون تہ منَ اوھين نصيحت وٺو
وَالْبَلَدُ الطَّيِّبُ يَخْرُجُ نَبَاتُهُ بِإِذْنِ رَبِّهِ ۖ وَالَّذِي خَبُثَ لَا يَخْرُجُ إِلَّا نَكِدًا ۚ كَذَٰلِكَ نُصَرِّفُ الْآيَاتِ لِقَوْمٍ يَشْكُرُونَ
۽ (جا) سٺي زمين (آھي تنھن) جا سَلا سندس پالڻھار جي حُڪم سان ڄمندا آھن، ۽ جيڪا اوٺي آھي (تنھن جا سَلا) خراب سَلن کان سواءِ ٻيا نہ ڄمندا آھن، اھڙي طرح جيڪا قوم شُڪرانو ڪندڙ آھي تنھن لاءِ نشانيون طرحين طرحين بيان ڪندا آھيون
لَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِ فَقَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُمْ مِنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ
بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليوسون، پوءِ چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو اوھان جو خدا نہ آھي، آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو
قَالَ الْمَلَأُ مِنْ قَوْمِهِ إِنَّا لَنَرَاكَ فِي ضَلَالٍ مُبِينٍ
سندس قوم جي سردارن چيو تہ اسين تو کي پڌريءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) ڏسون ٿا
قَالَ يَا قَوْمِ لَيْسَ بِي ضَلَالَةٌ وَلَٰكِنِّي رَسُولٌ مِنْ رَبِّ الْعَالَمِينَ
چيائين تہ اي منھنجي قوم! مون کي ڪا گمراھي ڪانھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان

Choose other languages: