Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #8 Translated in Sindhi

7:4
وَكَمْ مِنْ قَرْيَةٍ أَهْلَكْنَاهَا فَجَاءَهَا بَأْسُنَا بَيَاتًا أَوْ هُمْ قَائِلُونَ
۽ گھڻا ئي ڳوٺ ھئا جي ويران ڪياسون پوءِ (يا) راتوواھ (سمھڻ مھل) اُنھن کي اسان جو عذاب پُھتو يا اُھي منجھند جو ننڊ ڪرڻ وارا ھئا
7:5
فَمَا كَانَ دَعْوَاهُمْ إِذْ جَاءَهُمْ بَأْسُنَا إِلَّا أَنْ قَالُوا إِنَّا كُنَّا ظَالِمِينَ
پوءِ جڏھن کين اسان جو عذاب پھتو (تڏھن) سندين پڪار ھن چوڻ کانسواءِ نہ ھئي تہ اسين (پاڻ تي) ظلم ڪندا ھئاسون!
7:6
فَلَنَسْأَلَنَّ الَّذِينَ أُرْسِلَ إِلَيْهِمْ وَلَنَسْأَلَنَّ الْمُرْسَلِينَ
پوءِ جن ڏانھن پيغمبر موڪليا ويا تن کان (بہ) ضرور پُڇنداسون ۽ پيغمبرن کان (بہ) ضرور پُڇنداسون
7:7
فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِمْ بِعِلْمٍ ۖ وَمَا كُنَّا غَائِبِينَ
پوءِ (سندن ڪرتوت) مٿن علم سان بيان ڪنداسون ۽ اسين پري نہ ھئاسون
7:8
وَالْوَزْنُ يَوْمَئِذٍ الْحَقُّ ۚ فَمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِينُهُ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ
۽ اُن ڏينھن (عملن جي) تور سچ آھي، پوءِ جن جا پَلڙا ڳرا ٿيا سي ئي ڇُٽل آھن

Choose other languages: