Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #44 Translated in Sindhi

إِنَّ الَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا وَاسْتَكْبَرُوا عَنْهَا لَا تُفَتَّحُ لَهُمْ أَبْوَابُ السَّمَاءِ وَلَا يَدْخُلُونَ الْجَنَّةَ حَتَّىٰ يَلِجَ الْجَمَلُ فِي سَمِّ الْخِيَاطِ ۚ وَكَذَٰلِكَ نَجْزِي الْمُجْرِمِينَ
جن اسان جي حُڪمن کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کانئن وڏائي ڪئي تن لاءِ آسمان جا دروازا نہ کوليا ويندا ۽ نہ ڪي ايستائين بھشت ۾ گھڙندا جيستائين اُٺ سُئيءَ جي پاکي مان لنگھي، ۽ اھڙي طرح ڏوھارين کي سزا ڏيندا آھيون
لَهُمْ مِنْ جَهَنَّمَ مِهَادٌ وَمِنْ فَوْقِهِمْ غَوَاشٍ ۚ وَكَذَٰلِكَ نَجْزِي الظَّالِمِينَ
اُنھن لاءِ وڇاڻو (بہ) دوزخ جو ھوندو ۽ سندن مٿان پوش (بہ دوزخ جو) رھندو، ۽ اھڙي طرح ظالمن کي سزا ڏيندا آھيون
وَالَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ لَا نُكَلِّفُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ۖ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف ڏيندا ئي نہ آھيون، اُھي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
وَنَزَعْنَا مَا فِي صُدُورِهِمْ مِنْ غِلٍّ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهِمُ الْأَنْهَارُ ۖ وَقَالُوا الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي هَدَانَا لِهَٰذَا وَمَا كُنَّا لِنَهْتَدِيَ لَوْلَا أَنْ هَدَانَا اللَّهُ ۖ لَقَدْ جَاءَتْ رُسُلُ رَبِّنَا بِالْحَقِّ ۖ وَنُودُوا أَنْ تِلْكُمُ الْجَنَّةُ أُورِثْتُمُوهَا بِمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
۽ جيڪو غير سندين دلين ۾ ھوندو سو ڪڍي ڇڏينداسون سندين (ماڙين جي) ھيٺان واھيون پيون وھنديون، ۽ چوندا تہ سڀ ساراھ اُنھيءَ کي جڳائي جنھن اسان کي ھن (بھشت) ڏانھن رستو لاتو، جيڪڏھن الله اسان کي ھدايت نہ ڪري ھا تہ ڪڏھن اسين ھدايت نہ لھون ھا! بيشڪ اسان وٽ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ وٺي آيا، ۽ سڏيو ويندن تہ ھي بھشت (اوھان کي ڏنو ويو) اُن جا اِنھيءَ سببان (اوھين) وارث آھيو جو (چڱائي) ڪندا ھيؤ
وَنَادَىٰ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ أَصْحَابَ النَّارِ أَنْ قَدْ وَجَدْنَا مَا وَعَدَنَا رَبُّنَا حَقًّا فَهَلْ وَجَدْتُمْ مَا وَعَدَ رَبُّكُمْ حَقًّا ۖ قَالُوا نَعَمْ ۚ فَأَذَّنَ مُؤَذِّنٌ بَيْنَهُمْ أَنْ لَعْنَةُ اللَّهِ عَلَى الظَّالِمِينَ
۽ بھشتي دوزخين کي سڏيندا ( ۽ چوندا) تہ اسان جي پالڻھار اسان سان جيڪو انجام ڪيو سو بيشڪ سچو لڌوسون پوءِ اوھان جي پالڻھار اوھان سان جيڪو انجام ڪيو ھو سو سچو نہ لڌوَ ڇا؟ چوندا تہ ھائو! پوءِ سڏيندڙ سندن وچ ۾ سڏيندو تہ اُنھن ظالمن تي الله جي لعنت آھي

Choose other languages: