Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #169 Translated in Sindhi

فَلَمَّا نَسُوا مَا ذُكِّرُوا بِهِ أَنْجَيْنَا الَّذِينَ يَنْهَوْنَ عَنِ السُّوءِ وَأَخَذْنَا الَّذِينَ ظَلَمُوا بِعَذَابٍ بَئِيسٍ بِمَا كَانُوا يَفْسُقُونَ
پوءِ جيڪا (نصيحت) ڏني ويئي ھُين سا جنھن مھل وساريائون اُنھيءَ مھل اُنھن ماڻھن کي بچايوسون جيڪي مدائي کان جھليندا ھُين ۽ ظالمن کي سخت عذاب سان اِنھيء ڪري پڪڙيوسون جو ھو بدڪار ھئا
فَلَمَّا عَتَوْا عَنْ مَا نُهُوا عَنْهُ قُلْنَا لَهُمْ كُونُوا قِرَدَةً خَاسِئِينَ
پوءِ جنھن کان جھليو ويو ھُين تنھن کان جڏھن حد ٽپيا تڏھن کين چيوسون تہ خوار ٿيل ڀولڙا ٿيو
وَإِذْ تَأَذَّنَ رَبُّكَ لَيَبْعَثَنَّ عَلَيْهِمْ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ مَنْ يَسُومُهُمْ سُوءَ الْعَذَابِ ۗ إِنَّ رَبَّكَ لَسَرِيعُ الْعِقَابِ ۖ وَإِنَّهُ لَغَفُورٌ رَحِيمٌ
۽ (ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار (يھودين کي) سُڌ ڏني تہ (اُھو) مٿن قيامت تائين (اھڙو حاڪم) ضرور مقرر ڪندو جيڪو اُنھن کي بڇڙي سزا چکائيندو رھندو، ڇو تہ تنھنجو پالڻھار سَگھو سزا ڏيندڙ آھي، ۽ اُھو بخشڻھار مھربان (بہ) آھي
وَقَطَّعْنَاهُمْ فِي الْأَرْضِ أُمَمًا ۖ مِنْهُمُ الصَّالِحُونَ وَمِنْهُمْ دُونَ ذَٰلِكَ ۖ وَبَلَوْنَاهُمْ بِالْحَسَنَاتِ وَالسَّيِّئَاتِ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
۽ اُنھن (بني اسرائيلن) کي ملڪ ۾ ٽوليون ٽوليون ڪري پکيڙي ڇڏيوسون، منجھائن ڪي سُڌريل ۽ ڪي اَڻ سڌريل آھن، ۽ اُنھن کي سکن ۽ ڏکن سان پرکيوسون تہ منَ اُھي موٽن
فَخَلَفَ مِنْ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ وَرِثُوا الْكِتَابَ يَأْخُذُونَ عَرَضَ هَٰذَا الْأَدْنَىٰ وَيَقُولُونَ سَيُغْفَرُ لَنَا وَإِنْ يَأْتِهِمْ عَرَضٌ مِثْلُهُ يَأْخُذُوهُ ۚ أَلَمْ يُؤْخَذْ عَلَيْهِمْ مِيثَاقُ الْكِتَابِ أَنْ لَا يَقُولُوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الْحَقَّ وَدَرَسُوا مَا فِيهِ ۗ وَالدَّارُ الْآخِرَةُ خَيْرٌ لِلَّذِينَ يَتَّقُونَ ۗ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
وري کانئن پوءِ اھڙا بُڇڙا اُنھن جي جاڳھن تي ويٺا جو ڪتاب (توريت) جا (ڇڙا) وارث بڻيا، ھن دنيا جو سامان اختيار ڪندا آھن ۽ چوندا آھن تہ بخشباسون، ۽ جيڪڏھن وٽن ڪو اھڙو سامان ايندو آھي تہ (اُھي پشيمان نہ ٿيندا آھن ۽) اُھو وٺندا آھن، کانئن ڪتاب (توريت) ۾ ھي انجام نہ ورتو ويو ھو ڇا تہ سچ کانسواءِ الله تي ڪجھ بہ ڪين چون؟ ۽ جيڪي منجھس آھي سو پڙھيو بہ اٿن، ۽ آخرت جو مُلڪ اُنھن لاءِ ڀَلو آھي جيڪي پرھيزگار آھن پوءِ ڇو نہ سمجھندا آھيو؟

Choose other languages: