Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #125 Translated in Sindhi

قَالُوا آمَنَّا بِرَبِّ الْعَالَمِينَ
چيائون تہ جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون
رَبِّ مُوسَىٰ وَهَارُونَ
(جو) موسىٰ ۽ ھارون جو پالڻھار (آھي)
قَالَ فِرْعَوْنُ آمَنْتُمْ بِهِ قَبْلَ أَنْ آذَنَ لَكُمْ ۖ إِنَّ هَٰذَا لَمَكْرٌ مَكَرْتُمُوهُ فِي الْمَدِينَةِ لِتُخْرِجُوا مِنْهَا أَهْلَهَا ۖ فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ
فرعون چيو تہ اوھان منھنجي موڪل کان اڳي ئي اُن تي ايمان ڇو آندو آھي؟ ھيءُ (اوھان جو) فريب آھي (جو پاڻ ۾ گڏجي) ھن ڪري (ھن) شھر ۾ ڪيو اٿو تہ سندس رھاڪن کي منجھانئس ڪڍي ڇڏيو، پوءِ سگھو کي ڄاڻندؤ
لَأُقَطِّعَنَّ أَيْدِيَكُمْ وَأَرْجُلَكُمْ مِنْ خِلَافٍ ثُمَّ لَأُصَلِّبَنَّكُمْ أَجْمَعِينَ
اوھان جا ھٿ ۽ اوھان جا پير اُبتڙ سبتڙ ضرور وڍيندس وري اوھان مڙني کي ضرور سوريءَ چاڙھيندس
قَالُوا إِنَّا إِلَىٰ رَبِّنَا مُنْقَلِبُونَ
چيائون تہ بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار ڏانھن ضرور موٽندڙ آھيون

Choose other languages: