Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #120 Translated in Sindhi

قَالَ أَلْقُوا ۖ فَلَمَّا أَلْقَوْا سَحَرُوا أَعْيُنَ النَّاسِ وَاسْتَرْهَبُوهُمْ وَجَاءُوا بِسِحْرٍ عَظِيمٍ
(موسىٰ) چيو تہ (اوھين) اُڇليو، پوءِ جنھن مھل اُڇليائون (تنھن مھل) ماڻھن جون اکيون جادوءَ سان بند ڪيائون ۽ اُنھن کي ڊيڄاريائون ۽ وڏا جادو آندائون
وَأَوْحَيْنَا إِلَىٰ مُوسَىٰ أَنْ أَلْقِ عَصَاكَ ۖ فَإِذَا هِيَ تَلْقَفُ مَا يَأْفِكُونَ
۽ موسىٰ ڏانھن وحي موڪليوسون تہ پنھنجي لٺ اُڇل، پوءِ جيڪو جادو ڪيائون تنھنکي اُھا اُنھيءَ مھل ئي ڳھندي وئي
فَوَقَعَ الْحَقُّ وَبَطَلَ مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
پوءِ سچ پڌرو ٿيو ۽ جيڪي ڪندا رھيا سو ڪوڙو ٿيو
فَغُلِبُوا هُنَالِكَ وَانْقَلَبُوا صَاغِرِينَ
پوءِ (فرعون وارا) اُن ھنڌ ھيڻا ٿيا ۽ خوار ٿي موٽيا
وَأُلْقِيَ السَّحَرَةُ سَاجِدِينَ
۽ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا

Choose other languages: