Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #111 Translated in Sindhi

فَأَلْقَىٰ عَصَاهُ فَإِذَا هِيَ ثُعْبَانٌ مُبِينٌ
پوءِ پنھنجي لٺ اُڇليائين تہ اُڇلڻ سان ئي اُھا پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پيئي
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذَا هِيَ بَيْضَاءُ لِلنَّاظِرِينَ
۽ پنھنجو ھٿ ٻاھر ڪڍيائين تہ اُھو ڪڍڻ ساڻ ئي ڏسندڙن لاءِ روشن ٿيو
قَالَ الْمَلَأُ مِنْ قَوْمِ فِرْعَوْنَ إِنَّ هَٰذَا لَسَاحِرٌ عَلِيمٌ
فرعون جي قوم مان سکر ماڻھو چوڻ لڳا تہ ھيءُ پڪو ڄاڻو جادوگر آھي
يُرِيدُ أَنْ يُخْرِجَكُمْ مِنْ أَرْضِكُمْ ۖ فَمَاذَا تَأْمُرُونَ
اوھان کي اوھان جي مُلڪ مان ڪڍي ڇڏڻ گھري ٿو، تنھنڪري اوھين ڇا ٿا صلاح ڏيو؟
قَالُوا أَرْجِهْ وَأَخَاهُ وَأَرْسِلْ فِي الْمَدَائِنِ حَاشِرِينَ
(فرعون کي) چيائون تہ کيس ۽ ڀاڻس کي ترساءِ ۽ ڪوٺيندڙ شھرن ڏانھن موڪل

Choose other languages: