Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #109 Translated in Sindhi

حَقِيقٌ عَلَىٰ أَنْ لَا أَقُولَ عَلَى اللَّهِ إِلَّا الْحَقَّ ۚ قَدْ جِئْتُكُمْ بِبَيِّنَةٍ مِنْ رَبِّكُمْ فَأَرْسِلْ مَعِيَ بَنِي إِسْرَائِيلَ
ھن (ڳالھ) تي قائم آھيان تہ الله تي سچ کانسواءِ ڪجھ بہ نہ چوان، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان چِٽي مُعجزي سان آيو آھيان تنھنڪري بني اسرائيلن کي مون سان (ھلڻ) جي موڪل ڏي
قَالَ إِنْ كُنْتَ جِئْتَ بِآيَةٍ فَأْتِ بِهَا إِنْ كُنْتَ مِنَ الصَّادِقِينَ
(فرعون) چيو تہ جيڪڏھن ڪو معجزو آندو اٿئي تہ جيڪڏھن سچن مان آھين تہ اُھو آڻ
فَأَلْقَىٰ عَصَاهُ فَإِذَا هِيَ ثُعْبَانٌ مُبِينٌ
پوءِ پنھنجي لٺ اُڇليائين تہ اُڇلڻ سان ئي اُھا پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پيئي
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذَا هِيَ بَيْضَاءُ لِلنَّاظِرِينَ
۽ پنھنجو ھٿ ٻاھر ڪڍيائين تہ اُھو ڪڍڻ ساڻ ئي ڏسندڙن لاءِ روشن ٿيو
قَالَ الْمَلَأُ مِنْ قَوْمِ فِرْعَوْنَ إِنَّ هَٰذَا لَسَاحِرٌ عَلِيمٌ
فرعون جي قوم مان سکر ماڻھو چوڻ لڳا تہ ھيءُ پڪو ڄاڻو جادوگر آھي

Choose other languages: