Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #13 Translated in Sindhi

7:9
وَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِينُهُ فَأُولَٰئِكَ الَّذِينَ خَسِرُوا أَنْفُسَهُمْ بِمَا كَانُوا بِآيَاتِنَا يَظْلِمُونَ
۽ جن جا پلڙا ھلڪا ٿيا سي اُھي آھن جن پاڻ کي انھيءَ سببان نقصان لاتو جو اسان جي آيتن بابت انڪار ڪندا ھئا
وَلَقَدْ مَكَّنَّاكُمْ فِي الْأَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيهَا مَعَايِشَ ۗ قَلِيلًا مَا تَشْكُرُونَ
۽ بيشڪ اوھان کي زمين ۾ ٽڪايوسون ۽ منجھس اوھان لاءِ گذران (جو اُپاءُ) رکيوسون، (پر اوھين) ٿورو شڪر ڪندا آھيو
وَلَقَدْ خَلَقْنَاكُمْ ثُمَّ صَوَّرْنَاكُمْ ثُمَّ قُلْنَا لِلْمَلَائِكَةِ اسْجُدُوا لِآدَمَ فَسَجَدُوا إِلَّا إِبْلِيسَ لَمْ يَكُنْ مِنَ السَّاجِدِينَ
۽ بيشڪ اوھان کي پيدا ڪيوسون وري اوھان جي شڪل بڻائي سون وري ملائڪن کي چيوسون تہ آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ شيطان کانسواءِ (ٻـين) سجدو ڪيو (شيطان) سجدي ڪندڙن مان نہ ٿيو
قَالَ مَا مَنَعَكَ أَلَّا تَسْجُدَ إِذْ أَمَرْتُكَ ۖ قَالَ أَنَا خَيْرٌ مِنْهُ خَلَقْتَنِي مِنْ نَارٍ وَخَلَقْتَهُ مِنْ طِينٍ
(الله) چيو تہ تو کي سجدي ڪرڻ کان ڪھڙي (ڳالھ) جھليو؟ جڏھن تہ تو کي حُڪم (بہ) ڪيم، چيائين تہ آءٌ کانئس ڀلو آھيان، مون کي باھ مان پيدا ڪيو اٿئي ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي
قَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَمَا يَكُونُ لَكَ أَنْ تَتَكَبَّرَ فِيهَا فَاخْرُجْ إِنَّكَ مِنَ الصَّاغِرِينَ
(الله) چيو تہ اُن (آسمان) مان ھيٺ لھي وڃ تو کي منجھس وڏائي ڪرڻ نہ جڳائيندي آھي تنھنڪري (تون) نِڪر ڇو تہ تون خوار ٿيلن مان آھين

Choose other languages: