Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Anbiya Ayahs #110 Translated in Sindhi

إِنَّ فِي هَٰذَا لَبَلَاغًا لِقَوْمٍ عَابِدِينَ
ھن (قِصّي) ۾ عبادت ڪندڙ قوم لاءِ (مطلب جي) پورائي آھي
وَمَا أَرْسَلْنَاكَ إِلَّا رَحْمَةً لِلْعَالَمِينَ
۽ (اي پيغمبر!) تو کي خاص جھانن جي رحمت لاءِ موڪليوسون
قُلْ إِنَّمَا يُوحَىٰ إِلَيَّ أَنَّمَا إِلَٰهُكُمْ إِلَٰهٌ وَاحِدٌ ۖ فَهَلْ أَنْتُمْ مُسْلِمُونَ
چ‍ئو تہ مون وٽ ھن حُڪم کانسواءِ وحي نہ ٿيندو آھي تہ ھڪ الله کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نہ آھي، پوءِ اوھين ڇو نہ حُڪم مڃيندڙ آھيو؟
فَإِنْ تَوَلَّوْا فَقُلْ آذَنْتُكُمْ عَلَىٰ سَوَاءٍ ۖ وَإِنْ أَدْرِي أَقَرِيبٌ أَمْ بَعِيدٌ مَا تُوعَدُونَ
پوءِ جيڪڏھن ڦرن تہ چئو تہ اوھان سڀني کي (الله جي حڪم تي) ھڪ جھڙو خبردار ڪيم، ۽ جيڪو اوھان کي انجام ڏنو ويو سو نہ ٿو ڄاڻان تہ ويجھو آھي يا پري آھي
إِنَّهُ يَعْلَمُ الْجَهْرَ مِنَ الْقَوْلِ وَيَعْلَمُ مَا تَكْتُمُونَ
بيشڪ الله ظاھري ڳالھ (بہ) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي اوھين لڪائيندا آھيو سو (بہ) ڄاڻندو آھي

Choose other languages: