Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Ahqaf Ayahs #9 Translated in Sindhi

وَمَنْ أَضَلُّ مِمَّنْ يَدْعُو مِنْ دُونِ اللَّهِ مَنْ لَا يَسْتَجِيبُ لَهُ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ وَهُمْ عَنْ دُعَائِهِمْ غَافِلُونَ
۽ انھيءَ کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي جيڪو الله ڌاران (ٻئي) اھڙي (بت) کي سڏي جو قيامت تائين سندس سڏ کي نہ ورنائي ۽ اُھي (ڪوڙا بت) سندن سڏڻ کان (ئي) بي خبر آھن
وَإِذَا حُشِرَ النَّاسُ كَانُوا لَهُمْ أَعْدَاءً وَكَانُوا بِعِبَادَتِهِمْ كَافِرِينَ
۽ جڏھن (قيامت ۾) ماڻھو گڏ ڪبا (تڏھن اھي بت) سندن ويري ھوندا ۽ سندن پوڄا کان منڪر ھوندا
وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ آيَاتُنَا بَيِّنَاتٍ قَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لِلْحَقِّ لَمَّا جَاءَهُمْ هَٰذَا سِحْرٌ مُبِينٌ
۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن اُھي) ڪافر سچي ڳالھ (يعني قرآن) بنسبت جنھن مھل وٽن آيو (تنھن مھل) چوندا آھن تہ ھيءُ پڌرو جادو آھي
أَمْ يَقُولُونَ افْتَرَاهُ ۖ قُلْ إِنِ افْتَرَيْتُهُ فَلَا تَمْلِكُونَ لِي مِنَ اللَّهِ شَيْئًا ۖ هُوَ أَعْلَمُ بِمَا تُفِيضُونَ فِيهِ ۖ كَفَىٰ بِهِ شَهِيدًا بَيْنِي وَبَيْنَكُمْ ۖ وَهُوَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ
بلڪ چوندا آھن تہ اُن کي (پيغمبر پاڻ) ٺاھيو آھي، (کين چئو تہ) جيڪڏھن اُن کي (پاڻ) ٺاھيو اٿم تہ اوھين الله کان (ڇڏائڻ واسطي) مون لاءِ ڪجھ ڪري نہ ٿا سگھو، جيڪي قرآن بابت گفتگو ڪندا آھيو (سو) الله چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي، منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ (الله) حق کي ظاھر ڪندڙ ڪافي آھي ۽ اُھو بخشڻھار مھربان آھي
قُلْ مَا كُنْتُ بِدْعًا مِنَ الرُّسُلِ وَمَا أَدْرِي مَا يُفْعَلُ بِي وَلَا بِكُمْ ۖ إِنْ أَتَّبِعُ إِلَّا مَا يُوحَىٰ إِلَيَّ وَمَا أَنَا إِلَّا نَذِيرٌ مُبِينٌ
چئو تہ، آءٌ پيغمبرن مان ڪو نئون (آيل) نہ آھيان ۽ نٿو ڄاڻان تہ مون سان ۽ اوھان سان (دنيا ۾) ڇا ڪيو ويندو، جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي، تنھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن (ڳالھ) جي تابعداري نہ ڪندو آھي ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان

Choose other languages: