Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Ahqaf Ayahs #7 Translated in Sindhi

مَا خَلَقْنَا السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا إِلَّا بِالْحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى ۚ وَالَّذِينَ كَفَرُوا عَمَّا أُنْذِرُوا مُعْرِضُونَ
آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھن کي پوريءَ رٿ سان ۽ ھڪ مقرر مدت تائين (رھڻ لاءِ) بڻايوسون ۽ ڪافر جنھن کان ڊيڄاريا ويا (تنھن کان) مُنھن موڙيندڙ آھن
قُلْ أَرَأَيْتُمْ مَا تَدْعُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ أَرُونِي مَاذَا خَلَقُوا مِنَ الْأَرْضِ أَمْ لَهُمْ شِرْكٌ فِي السَّمَاوَاتِ ۖ ائْتُونِي بِكِتَابٍ مِنْ قَبْلِ هَٰذَا أَوْ أَثَارَةٍ مِنْ عِلْمٍ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
(کين) چئو تہ ڏسو تہ سھي تہ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو (تن ڪا بڻاوت بڻائي آھي ڇا؟) مون کي ڏيکاريو تہ زمين (جي شين) منجھان ڪھڙي شئي پيدا ڪئي اٿن؟ يا آسمانن (جي بڻائڻ) ۾ انھن جي ڪا ڀائيواري (ثابت) آھي ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھيو تہ ھن کان اڳ (آيل) ڪوبہ ڪتاب يا ڪا علمي سَند مون وٽ آڻيو
وَمَنْ أَضَلُّ مِمَّنْ يَدْعُو مِنْ دُونِ اللَّهِ مَنْ لَا يَسْتَجِيبُ لَهُ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ وَهُمْ عَنْ دُعَائِهِمْ غَافِلُونَ
۽ انھيءَ کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي جيڪو الله ڌاران (ٻئي) اھڙي (بت) کي سڏي جو قيامت تائين سندس سڏ کي نہ ورنائي ۽ اُھي (ڪوڙا بت) سندن سڏڻ کان (ئي) بي خبر آھن
وَإِذَا حُشِرَ النَّاسُ كَانُوا لَهُمْ أَعْدَاءً وَكَانُوا بِعِبَادَتِهِمْ كَافِرِينَ
۽ جڏھن (قيامت ۾) ماڻھو گڏ ڪبا (تڏھن اھي بت) سندن ويري ھوندا ۽ سندن پوڄا کان منڪر ھوندا
وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ آيَاتُنَا بَيِّنَاتٍ قَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لِلْحَقِّ لَمَّا جَاءَهُمْ هَٰذَا سِحْرٌ مُبِينٌ
۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن اُھي) ڪافر سچي ڳالھ (يعني قرآن) بنسبت جنھن مھل وٽن آيو (تنھن مھل) چوندا آھن تہ ھيءُ پڌرو جادو آھي

Choose other languages: