Quran Apps in many lanuages:

Surah Adh-Dhariyat Ayahs #56 Translated in Sindhi

كَذَٰلِكَ مَا أَتَى الَّذِينَ مِنْ قَبْلِهِمْ مِنْ رَسُولٍ إِلَّا قَالُوا سَاحِرٌ أَوْ مَجْنُونٌ
اھڙيءَ طرح جيڪي انھن کان اڳ ھئا تن وٽ ڪوبہ پيغمبر نہ آيو، جو ان کي جادوگر يا چريي (سڏڻ) کانسواءِ ٻيو ڪي نہ چيائون
أَتَوَاصَوْا بِهِ ۚ بَلْ هُمْ قَوْمٌ طَاغُونَ
اِن (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آھن ڇا؟ (نہ!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن
فَتَوَلَّ عَنْهُمْ فَمَا أَنْتَ بِمَلُومٍ
تنھنڪري (اي پيغمبر!) کانئن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نہ آھين
وَذَكِّرْ فَإِنَّ الذِّكْرَىٰ تَنْفَعُ الْمُؤْمِنِينَ
۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ، ڇو تہ سمجھائڻ مؤمنن کي فائدو ڏيندو آھي
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنْسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ
۽ جنن ۽ ماڻھن کي (ٻئي ڪنھن ڪم لاءِ) نہ پيدا ڪيوسون، سواءِ ھن جي تہ منھنجي عبادت ڪن

Choose other languages: