Quran Apps in many lanuages:

Surah Adh-Dhariyat Ayahs #55 Translated in Sindhi

وَلَا تَجْعَلُوا مَعَ اللَّهِ إِلَٰهًا آخَرَ ۖ إِنِّي لَكُمْ مِنْهُ نَذِيرٌ مُبِينٌ
۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نہ ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
كَذَٰلِكَ مَا أَتَى الَّذِينَ مِنْ قَبْلِهِمْ مِنْ رَسُولٍ إِلَّا قَالُوا سَاحِرٌ أَوْ مَجْنُونٌ
اھڙيءَ طرح جيڪي انھن کان اڳ ھئا تن وٽ ڪوبہ پيغمبر نہ آيو، جو ان کي جادوگر يا چريي (سڏڻ) کانسواءِ ٻيو ڪي نہ چيائون
أَتَوَاصَوْا بِهِ ۚ بَلْ هُمْ قَوْمٌ طَاغُونَ
اِن (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آھن ڇا؟ (نہ!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن
فَتَوَلَّ عَنْهُمْ فَمَا أَنْتَ بِمَلُومٍ
تنھنڪري (اي پيغمبر!) کانئن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نہ آھين
وَذَكِّرْ فَإِنَّ الذِّكْرَىٰ تَنْفَعُ الْمُؤْمِنِينَ
۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ، ڇو تہ سمجھائڻ مؤمنن کي فائدو ڏيندو آھي

Choose other languages: