Quran Apps in many lanuages:

Surah Adh-Dhariyat Ayahs #59 Translated in Sindhi

وَذَكِّرْ فَإِنَّ الذِّكْرَىٰ تَنْفَعُ الْمُؤْمِنِينَ
۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ، ڇو تہ سمجھائڻ مؤمنن کي فائدو ڏيندو آھي
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنْسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ
۽ جنن ۽ ماڻھن کي (ٻئي ڪنھن ڪم لاءِ) نہ پيدا ڪيوسون، سواءِ ھن جي تہ منھنجي عبادت ڪن
مَا أُرِيدُ مِنْهُمْ مِنْ رِزْقٍ وَمَا أُرِيدُ أَنْ يُطْعِمُونِ
نڪي کانئن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو تہ مون کي کارائين
إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزَّاقُ ذُو الْقُوَّةِ الْمَتِينُ
بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آھي جو تمام سگھارو زبردست آھي
فَإِنَّ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا ذَنُوبًا مِثْلَ ذَنُوبِ أَصْحَابِهِمْ فَلَا يَسْتَعْجِلُونِ
پوءِ بيشڪ جن ظلم ڪيو تن لاءِ سندن يارن جي سزا جھڙو عذاب (جو ڀاڱو) آھي پوءِ مون کان جلد (عذاب) نہ گُھرن

Choose other languages: