Quran Apps in many lanuages:

Surah Abasa Ayahs #37 Translated in Sindhi

فَإِذَا جَاءَتِ الصَّاخَّةُ
پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي
يَوْمَ يَفِرُّ الْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ
اُنھيءَ ڏينھن ماڻھو پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو
وَأُمِّهِ وَأَبِيهِ
۽ (پڻ) پنھنجيءَ ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان
وَصَاحِبَتِهِ وَبَنِيهِ
۽ پنھنجيءَ گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو
لِكُلِّ امْرِئٍ مِنْهُمْ يَوْمَئِذٍ شَأْنٌ يُغْنِيهِ
اُنھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي

Choose other languages: