Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #83 Translated in Sindhi

قُلْ يُحْيِيهَا الَّذِي أَنْشَأَهَا أَوَّلَ مَرَّةٍ ۖ وَهُوَ بِكُلِّ خَلْقٍ عَلِيمٌ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، جنھن اُنھن کي پھريون ڀيرو بڻايو سو اُنھن کي (وري) جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي
الَّذِي جَعَلَ لَكُمْ مِنَ الشَّجَرِ الْأَخْضَرِ نَارًا فَإِذَا أَنْتُمْ مِنْهُ تُوقِدُونَ
جنھن سائي وڻ مان اوھان لاءِ باھ پيدا ڪئي، پوءِ اوھين انھيءَ مھل منجھانئس (باھ) ٻاريندا آھيو
أَوَلَيْسَ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ بِقَادِرٍ عَلَىٰ أَنْ يَخْلُقَ مِثْلَهُمْ ۚ بَلَىٰ وَهُوَ الْخَلَّاقُ الْعَلِيمُ
جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو اِنھن جھڙن جي بڻائڻ تي وس وارو نہ آھي ڇا؟ ھائو! (وس وارو آھي)، ۽ اُھو وڏو بڻائيندڙ، (سڀ) ڄاڻندڙ آھي
إِنَّمَا أَمْرُهُ إِذَا أَرَادَ شَيْئًا أَنْ يَقُولَ لَهُ كُنْ فَيَكُونُ
سندس حُڪم ھن کانسواءِ (ٻيو) ڪونہ آھي تہ جڏھن ڪا شئي بڻائڻ گھرندو آھي، تڏھن اُن لاءِ رڳو چوندو آھي تہ ٿيءُ تہ (اُھا شئي) ٿي پوندي آھي
فَسُبْحَانَ الَّذِي بِيَدِهِ مَلَكُوتُ كُلِّ شَيْءٍ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
پوءِ اُھو (الله) پاڪ آھي، جنھن جي ھٿ ۾ ھر شئي جي حڪومت آھي ۽ ڏانھس اوھين موٽايا ويندؤ

Choose other languages: