Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #80 Translated in Sindhi

فَلَا يَحْزُنْكَ قَوْلُهُمْ ۘ إِنَّا نَعْلَمُ مَا يُسِرُّونَ وَمَا يُعْلِنُونَ
پوءَ (اي پيغمبر!) تو کي سندن چوڻ نہ ڏکوئي، جيڪي ڳجھو ڪندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن، سو بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا
أَوَلَمْ يَرَ الْإِنْسَانُ أَنَّا خَلَقْنَاهُ مِنْ نُطْفَةٍ فَإِذَا هُوَ خَصِيمٌ مُبِينٌ
ماڻھوءَ نہ ڏٺو آھي ڇا تہ، اسان کيس نُطفي مان بڻايو، پوءِ اُھو اُنھيءَ (ئي) مھل پڌرو جھيڙاڪ ٿيندو آھي
وَضَرَبَ لَنَا مَثَلًا وَنَسِيَ خَلْقَهُ ۖ قَالَ مَنْ يُحْيِي الْعِظَامَ وَهِيَ رَمِيمٌ
۽ انسان لاءِ ھڪ مثال بيان ڪندو آھي ۽ پنھنجيءَ پيدائش کي وساريندو آھي، چوندو آھي تہ (ھنن) ھڏن کي ڪير جياريندو، جنھن حالت ۾ اُھي ڀُتا ٿيل ھوندا؟
قُلْ يُحْيِيهَا الَّذِي أَنْشَأَهَا أَوَّلَ مَرَّةٍ ۖ وَهُوَ بِكُلِّ خَلْقٍ عَلِيمٌ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، جنھن اُنھن کي پھريون ڀيرو بڻايو سو اُنھن کي (وري) جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي
الَّذِي جَعَلَ لَكُمْ مِنَ الشَّجَرِ الْأَخْضَرِ نَارًا فَإِذَا أَنْتُمْ مِنْهُ تُوقِدُونَ
جنھن سائي وڻ مان اوھان لاءِ باھ پيدا ڪئي، پوءِ اوھين انھيءَ مھل منجھانئس (باھ) ٻاريندا آھيو

Choose other languages: