Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #77 Translated in Sindhi

وَلَهُمْ فِيهَا مَنَافِعُ وَمَشَارِبُ ۖ أَفَلَا يَشْكُرُونَ
۽ اُنھن لاءِ اُنھن ڍورن ۾ گھڻا فائدا آھن ۽ پيئڻ (جون شيون يعني کير) آھن، پوءِ ڇو نہ شُڪر ڪندا آھن؟
وَاتَّخَذُوا مِنْ دُونِ اللَّهِ آلِهَةً لَعَلَّهُمْ يُنْصَرُونَ
۽ الله کانسواءِ ٻيا معبود ڪري ورتا اٿن تہ منَ کين مدد ڏني وڃي
لَا يَسْتَطِيعُونَ نَصْرَهُمْ وَهُمْ لَهُمْ جُنْدٌ مُحْضَرُونَ
(اُھي) کين مدد ڏيئي نہ سگھندا ۽ اِھي (بُت) اُنھن جو لشڪر ٿي گڏ ڪيا ويندا
فَلَا يَحْزُنْكَ قَوْلُهُمْ ۘ إِنَّا نَعْلَمُ مَا يُسِرُّونَ وَمَا يُعْلِنُونَ
پوءَ (اي پيغمبر!) تو کي سندن چوڻ نہ ڏکوئي، جيڪي ڳجھو ڪندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن، سو بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا
أَوَلَمْ يَرَ الْإِنْسَانُ أَنَّا خَلَقْنَاهُ مِنْ نُطْفَةٍ فَإِذَا هُوَ خَصِيمٌ مُبِينٌ
ماڻھوءَ نہ ڏٺو آھي ڇا تہ، اسان کيس نُطفي مان بڻايو، پوءِ اُھو اُنھيءَ (ئي) مھل پڌرو جھيڙاڪ ٿيندو آھي

Choose other languages: