Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #74 Translated in Sindhi

لِيُنْذِرَ مَنْ كَانَ حَيًّا وَيَحِقَّ الْقَوْلُ عَلَى الْكَافِرِينَ
تہ اُنھيءَ کي ڊيڄاري جيڪو جيئرو (يعني سمجھ وارو) ھجي ۽ ڪافرن تي حجت ثابت ٿئي
أَوَلَمْ يَرَوْا أَنَّا خَلَقْنَا لَهُمْ مِمَّا عَمِلَتْ أَيْدِينَا أَنْعَامًا فَهُمْ لَهَا مَالِكُونَ
نہ ڏٺو اٿن ڇا تہ اسان انھن لاءِ انھن شين مان ڍور پيدا ڪيا، جن کي اسان جي ھٿن بڻايو؟ پوءِ اُھي اُنھن جا مالڪ آھن
وَذَلَّلْنَاهَا لَهُمْ فَمِنْهَا رَكُوبُهُمْ وَمِنْهَا يَأْكُلُونَ
۽ اُنھن (ڍورن) کي اُنھن جو تابعدار ڪيوسون، پوءِ منجھانئن ڪي سندن چڙھيءَ جا آھن ۽ منجھانئن ڪي (اُھي) کائيندا آھن
وَلَهُمْ فِيهَا مَنَافِعُ وَمَشَارِبُ ۖ أَفَلَا يَشْكُرُونَ
۽ اُنھن لاءِ اُنھن ڍورن ۾ گھڻا فائدا آھن ۽ پيئڻ (جون شيون يعني کير) آھن، پوءِ ڇو نہ شُڪر ڪندا آھن؟
وَاتَّخَذُوا مِنْ دُونِ اللَّهِ آلِهَةً لَعَلَّهُمْ يُنْصَرُونَ
۽ الله کانسواءِ ٻيا معبود ڪري ورتا اٿن تہ منَ کين مدد ڏني وڃي

Choose other languages: