Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #56 Translated in Sindhi

قَالُوا يَا وَيْلَنَا مَنْ بَعَثَنَا مِنْ مَرْقَدِنَا ۜ ۗ هَٰذَا مَا وَعَدَ الرَّحْمَٰنُ وَصَدَقَ الْمُرْسَلُونَ
چوندا تہ، اسان لاءِ ويل آھي! اسان کي اسان جي سمھڻ جي جاءِ (قبرن) مان ڪنھن اُٿاريو؟ (ملائڪ چوندا ھائو!) ھيءُ اُھو آھي، جيڪو ٻاجھاري (الله) انجام ڏنو ھو ۽ پيغمبرن سچ چيو ھو
إِنْ كَانَتْ إِلَّا صَيْحَةً وَاحِدَةً فَإِذَا هُمْ جَمِيعٌ لَدَيْنَا مُحْضَرُونَ
(اِھو واقعو) رڳو ھڪ سخت رڙ ھوندي، پوءِ اُھي اُتي جو اُتي گڏ ڪري اسان وٽ حاضر ڪيا ويندا
فَالْيَوْمَ لَا تُظْلَمُ نَفْسٌ شَيْئًا وَلَا تُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُونَ
پوءِ اڄ ڪنھن جيءَ تي ڪجھ بہ ظلم نہ ڪبو ۽ جيڪي ڪندا ھيؤ، رڳو اُن جو اوھان کي بدلو ڏبو
إِنَّ أَصْحَابَ الْجَنَّةِ الْيَوْمَ فِي شُغُلٍ فَاكِهُونَ
بيشڪ بھشتي اڄ مزن ماڻڻ ۾ مشغول ھوندا
هُمْ وَأَزْوَاجُهُمْ فِي ظِلَالٍ عَلَى الْأَرَائِكِ مُتَّكِئُونَ
اُھي ۽ سندين زالون ڇانوَن ۾ پلنگن تي ٽيڪ ڏيئي وھندڙ ھوندا

Choose other languages: