Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #30 Translated in Sindhi

قِيلَ ادْخُلِ الْجَنَّةَ ۖ قَالَ يَا لَيْتَ قَوْمِي يَعْلَمُونَ
(اِن چوڻ تي کيس شھيد ڪيائون)، چيو ويس تہ بھشت ۾ گھڙ، چيائين ھاءِ ارمان! (جيڪر) منھنجي قوم ڄاڻي ھا
بِمَا غَفَرَ لِي رَبِّي وَجَعَلَنِي مِنَ الْمُكْرَمِينَ
تہ ڇاجي ڪري منھنجي پالڻھار مون کي بخشيو ۽ مون کي سڳورن مان ڪيائين
وَمَا أَنْزَلْنَا عَلَىٰ قَوْمِهِ مِنْ بَعْدِهِ مِنْ جُنْدٍ مِنَ السَّمَاءِ وَمَا كُنَّا مُنْزِلِينَ
۽ کانئس پوءِ سندس قوم تي آسمان کان ڪو لشڪر نہ لاٿوسون ۽ نڪي (لشڪر) لاھيندڙ آھيون
إِنْ كَانَتْ إِلَّا صَيْحَةً وَاحِدَةً فَإِذَا هُمْ خَامِدُونَ
(سندن سزا) رڳو ھڪ سخت رڙ ھئي، پوءِ اُنھيءَ (ئي) دم اُھي (باھ وانگر) وسامي (مري ويا)
يَا حَسْرَةً عَلَى الْعِبَادِ ۚ مَا يَأْتِيهِمْ مِنْ رَسُولٍ إِلَّا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُونَ
ٻانھن تي ارمان آھي! (جو) وٽن ڪو (بہ اھڙو) پيغمبر نہ آيو، جنھن سان ٺـٺوليون نہ ٿي ڪيائون

Choose other languages: