Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #86 Translated in Sindhi

وَإِنِّي لَغَفَّارٌ لِمَنْ تَابَ وَآمَنَ وَعَمِلَ صَالِحًا ثُمَّ اهْتَدَىٰ
۽ جنھن توبھ ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا وري سڌو رستو لڌائين تنھن کي بيشڪ آءٌ بخشيندڙ آھيان
وَمَا أَعْجَلَكَ عَنْ قَوْمِكَ يَا مُوسَىٰ
۽ اي موسىٰ! ڪنھن تو کي پنھنجي قوم کان (اڳ اچڻ جي) تڪڙ ڪرائي؟
قَالَ هُمْ أُولَاءِ عَلَىٰ أَثَرِي وَعَجِلْتُ إِلَيْكَ رَبِّ لِتَرْضَىٰ
چيائين تہ اُھي منھنجي پوئتان آھن ۽ اي منھنجا پالڻھار! توڏانھن ھن لاءِ تڪڙ ڪيم تہ راضي ٿئين
قَالَ فَإِنَّا قَدْ فَتَنَّا قَوْمَكَ مِنْ بَعْدِكَ وَأَضَلَّهُمُ السَّامِرِيُّ
(الله) چيو تہ اسان تنھنجي پويان تنھنجي قوم کي پرکيو ۽ کين سامريءَ گمراھ ڪيو
فَرَجَعَ مُوسَىٰ إِلَىٰ قَوْمِهِ غَضْبَانَ أَسِفًا ۚ قَالَ يَا قَوْمِ أَلَمْ يَعِدْكُمْ رَبُّكُمْ وَعْدًا حَسَنًا ۚ أَفَطَالَ عَلَيْكُمُ الْعَهْدُ أَمْ أَرَدْتُمْ أَنْ يَحِلَّ عَلَيْكُمْ غَضَبٌ مِنْ رَبِّكُمْ فَأَخْلَفْتُمْ مَوْعِدِي
پوءِ موسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڪاوڙجي ارمان ۾ موٽيو، چيائين تہ اي منھنجي قوم! اوھان جي پالڻھار اوھان کي چڱو انجام نہ ڏنو ھو ڇا؟ پوءِ اوھان تي مُدو ڊگھو ٿي پيو ڇا يا پنھنجي پالڻھار جو ڏمر پاڻ تي نازل ٿيڻ گھريوَ؟ تنھنڪري منھنجي انجام جي برخلافي ڪيوَ

Choose other languages: