Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #85 Translated in Sindhi

كُلُوا مِنْ طَيِّبَاتِ مَا رَزَقْنَاكُمْ وَلَا تَطْغَوْا فِيهِ فَيَحِلَّ عَلَيْكُمْ غَضَبِي ۖ وَمَنْ يَحْلِلْ عَلَيْهِ غَضَبِي فَقَدْ هَوَىٰ
(۽ چيوسون تہ) سٺين (شين) مان جيڪا اوھان جي روزي ڪئي سون سا کائو ۽ منجھس نافرماني نہ ڪريو نہ تہ اوھان تي منھنجو ڏمر نازل ٿيندو، ۽ جنھن تي منھنجو ڏمر نازل ٿيو سو بيشڪ اُجڙيو
وَإِنِّي لَغَفَّارٌ لِمَنْ تَابَ وَآمَنَ وَعَمِلَ صَالِحًا ثُمَّ اهْتَدَىٰ
۽ جنھن توبھ ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا وري سڌو رستو لڌائين تنھن کي بيشڪ آءٌ بخشيندڙ آھيان
وَمَا أَعْجَلَكَ عَنْ قَوْمِكَ يَا مُوسَىٰ
۽ اي موسىٰ! ڪنھن تو کي پنھنجي قوم کان (اڳ اچڻ جي) تڪڙ ڪرائي؟
قَالَ هُمْ أُولَاءِ عَلَىٰ أَثَرِي وَعَجِلْتُ إِلَيْكَ رَبِّ لِتَرْضَىٰ
چيائين تہ اُھي منھنجي پوئتان آھن ۽ اي منھنجا پالڻھار! توڏانھن ھن لاءِ تڪڙ ڪيم تہ راضي ٿئين
قَالَ فَإِنَّا قَدْ فَتَنَّا قَوْمَكَ مِنْ بَعْدِكَ وَأَضَلَّهُمُ السَّامِرِيُّ
(الله) چيو تہ اسان تنھنجي پويان تنھنجي قوم کي پرکيو ۽ کين سامريءَ گمراھ ڪيو

Choose other languages: