Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #11 Translated in Sindhi

وَإِنْ تَجْهَرْ بِالْقَوْلِ فَإِنَّهُ يَعْلَمُ السِّرَّ وَأَخْفَى
۽ جيڪڏھن (تون ڀل) ڏاڍيان ڳالھائين تہ بيشڪ اُھو لڪ (۾) ۽ صفا آھستي (چيل ڳالھ سڀ) ڄاڻندو آھي
اللَّهُ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ لَهُ الْأَسْمَاءُ الْحُسْنَىٰ
الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ٻيو ڪو بہ معبود نہ آھي، اُن جا نالا تمام سھڻا آھن
وَهَلْ أَتَاكَ حَدِيثُ مُوسَىٰ
۽ (اي پيغمبر!) تو کي مُوسىٰ جي ڳالھ نہ پُھتي آھي ڇا؟
إِذْ رَأَىٰ نَارًا فَقَالَ لِأَهْلِهِ امْكُثُوا إِنِّي آنَسْتُ نَارًا لَعَلِّي آتِيكُمْ مِنْهَا بِقَبَسٍ أَوْ أَجِدُ عَلَى النَّارِ هُدًى
جڏھن باھ ڏٺائين تڏھن پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيائين تہ ترسو جو مون باھ ڏٺي آھي اُميد تہ منجھانئس ڪو اَڱر اوھان وٽ کڻي اچان يا باھ تي ڪو (دڳ جي) ڏَس ڏيڻ وارو لھان
فَلَمَّا أَتَاهَا نُودِيَ يَا مُوسَىٰ
پوءِ جنھن مھل باھ وٽ آيو (تنھن مھل) اُن کي سڏيو ويو تہ اي موسىٰ

Choose other languages: