Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #73 Translated in Sindhi

وَأَلْقِ مَا فِي يَمِينِكَ تَلْقَفْ مَا صَنَعُوا ۖ إِنَّمَا صَنَعُوا كَيْدُ سَاحِرٍ ۖ وَلَا يُفْلِحُ السَّاحِرُ حَيْثُ أَتَىٰ
۽ جيڪي تنھنجي سڄي ھٿ ۾ آھي سو اُڇل تہ جيڪي بڻايائون سو ڳھي وڃي، جيڪي بڻايائون سو رڳو ھڪ جادوگر جو فريب ئي آھي، ۽ جادوگر جتي ويندو اُتي ڪامياب نہ ٿيندو
فَأُلْقِيَ السَّحَرَةُ سُجَّدًا قَالُوا آمَنَّا بِرَبِّ هَارُونَ وَمُوسَىٰ
پوءِ سڀ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيا چيائون تہ موسىٰ ۽ ھارون جي رب تي آيمان آندوسون
قَالَ آمَنْتُمْ لَهُ قَبْلَ أَنْ آذَنَ لَكُمْ ۖ إِنَّهُ لَكَبِيرُكُمُ الَّذِي عَلَّمَكُمُ السِّحْرَ ۖ فَلَأُقَطِّعَنَّ أَيْدِيَكُمْ وَأَرْجُلَكُمْ مِنْ خِلَافٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُمْ فِي جُذُوعِ النَّخْلِ وَلَتَعْلَمُنَّ أَيُّنَا أَشَدُّ عَذَابًا وَأَبْقَىٰ
(فرعون) چيو تہ اوھان منھنجي موڪل ڏيڻ کان اڳ اُن تي ڇو ايمان آندو؟ بيشڪ اُھو اوھان جو ضرور وَڏو (استاد) آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو آھي، تنھنڪري اوھان جا ھٿ ۽ اوھان جا پير اُبتا سُبتا ضرور وڍيندس ۽ اوھان کي کجين جي ٿُڙن ۾ ضرور سُوريءَ چاڙھيندس، ۽ ضرور ڄاڻندؤ تہ ان مان ڪنھن جو عذاب وڌيڪ سخت ۽ گھڻي تائين رھڻ وارو آھي
قَالُوا لَنْ نُؤْثِرَكَ عَلَىٰ مَا جَاءَنَا مِنَ الْبَيِّنَاتِ وَالَّذِي فَطَرَنَا ۖ فَاقْضِ مَا أَنْتَ قَاضٍ ۖ إِنَّمَا تَقْضِي هَٰذِهِ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا
چيائون تہ چٽن دليلن مان جيڪي اسان وٽ آيا تن تي ۽ جنھن اسان کي پيدا ڪيو تنھن تي تو کي ڪڏھن زيادتي نہ ڏينداسون تنھنڪري جيڪي تون ڪرڻ وارو آھين سو ڪر، (تون) رڳو دُنيا جي حياتيءَ بابت فيصلو ڪندين
إِنَّا آمَنَّا بِرَبِّنَا لِيَغْفِرَ لَنَا خَطَايَانَا وَمَا أَكْرَهْتَنَا عَلَيْهِ مِنَ السِّحْرِ ۗ وَاللَّهُ خَيْرٌ وَأَبْقَىٰ
بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار تي ھن لاءِ ايمان آندو آھي تہ اسان جون خطائون ۽ جنھن جادو ڪرڻ تي تو اسان کي زور ڪيو سو اسان کي بخشي، ۽ الله (سڀ کان) ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي

Choose other languages: