Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #69 Translated in Sindhi

قَالُوا يَا مُوسَىٰ إِمَّا أَنْ تُلْقِيَ وَإِمَّا أَنْ نَكُونَ أَوَّلَ مَنْ أَلْقَىٰ
چيائون تہ اي موسىٰ! (تون) اُڇليندين يا پھرين اسين (پنھنجو ڍارو) اُڇليون
قَالَ بَلْ أَلْقُوا ۖ فَإِذَا حِبَالُهُمْ وَعِصِيُّهُمْ يُخَيَّلُ إِلَيْهِ مِنْ سِحْرِهِمْ أَنَّهَا تَسْعَىٰ
(مُوسىٰ) چيو تہ ڀلي (اوھين) اُڇليو، پوءِ اوچتوئي سندن رسا ۽ سندن لٺيون جادوءَ (جي اثر) کان موسىٰ جي خيال ۾ آيو تہ ڄڻڪ اُھي ڊوڙن ٿيون
فَأَوْجَسَ فِي نَفْسِهِ خِيفَةً مُوسَىٰ
پوءِ موسىٰ پنھنجي دل ۾ ڪجھ ڊپ ڀانيو
قُلْنَا لَا تَخَفْ إِنَّكَ أَنْتَ الْأَعْلَىٰ
چيوسون تہ نہ ڊڄ پڪ تون ئي غالب آھين
وَأَلْقِ مَا فِي يَمِينِكَ تَلْقَفْ مَا صَنَعُوا ۖ إِنَّمَا صَنَعُوا كَيْدُ سَاحِرٍ ۖ وَلَا يُفْلِحُ السَّاحِرُ حَيْثُ أَتَىٰ
۽ جيڪي تنھنجي سڄي ھٿ ۾ آھي سو اُڇل تہ جيڪي بڻايائون سو ڳھي وڃي، جيڪي بڻايائون سو رڳو ھڪ جادوگر جو فريب ئي آھي، ۽ جادوگر جتي ويندو اُتي ڪامياب نہ ٿيندو

Choose other languages: