Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #68 Translated in Sindhi

فَأَجْمِعُوا كَيْدَكُمْ ثُمَّ ائْتُوا صَفًّا ۚ وَقَدْ أَفْلَحَ الْيَوْمَ مَنِ اسْتَعْلَىٰ
تنھنڪري پنھنجا جادوءَ (جا سامان) گڏ ڪريو وري قطار ٻڌي اچو، ۽ جيڪو اڄ مٿانھون ٿيو سو بيشڪ ڪامياب ٿيو
قَالُوا يَا مُوسَىٰ إِمَّا أَنْ تُلْقِيَ وَإِمَّا أَنْ نَكُونَ أَوَّلَ مَنْ أَلْقَىٰ
چيائون تہ اي موسىٰ! (تون) اُڇليندين يا پھرين اسين (پنھنجو ڍارو) اُڇليون
قَالَ بَلْ أَلْقُوا ۖ فَإِذَا حِبَالُهُمْ وَعِصِيُّهُمْ يُخَيَّلُ إِلَيْهِ مِنْ سِحْرِهِمْ أَنَّهَا تَسْعَىٰ
(مُوسىٰ) چيو تہ ڀلي (اوھين) اُڇليو، پوءِ اوچتوئي سندن رسا ۽ سندن لٺيون جادوءَ (جي اثر) کان موسىٰ جي خيال ۾ آيو تہ ڄڻڪ اُھي ڊوڙن ٿيون
فَأَوْجَسَ فِي نَفْسِهِ خِيفَةً مُوسَىٰ
پوءِ موسىٰ پنھنجي دل ۾ ڪجھ ڊپ ڀانيو
قُلْنَا لَا تَخَفْ إِنَّكَ أَنْتَ الْأَعْلَىٰ
چيوسون تہ نہ ڊڄ پڪ تون ئي غالب آھين

Choose other languages: