Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #50 Translated in Sindhi

قَالَ لَا تَخَافَا ۖ إِنَّنِي مَعَكُمَا أَسْمَعُ وَأَرَىٰ
(الله) چيو تہ نہ ڊڄو بيشڪ آءٌ اوھان ساڻ گڏ آھيان ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو
فَأْتِيَاهُ فَقُولَا إِنَّا رَسُولَا رَبِّكَ فَأَرْسِلْ مَعَنَا بَنِي إِسْرَائِيلَ وَلَا تُعَذِّبْهُمْ ۖ قَدْ جِئْنَاكَ بِآيَةٍ مِنْ رَبِّكَ ۖ وَالسَّلَامُ عَلَىٰ مَنِ اتَّبَعَ الْهُدَىٰ
پوءِ وٽس وڃو ۽ چئو تہ اسين پنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون پوءِ بني اسرائيلن کي اسان سان (ھلڻ جي) موڪل ڏي، ۽ کين نہ ڏکوءِ بيشڪ تو وٽ تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان نشانيءَ سان آيا آھيون، ۽ جيڪو سڌي رستي تي ھلي تنھن تي سلامتي آھي
إِنَّا قَدْ أُوحِيَ إِلَيْنَا أَنَّ الْعَذَابَ عَلَىٰ مَنْ كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ
بيشڪ اسان ڏانھن وحي موڪليو ويو آھي تہ جيڪو (الله جي حُڪمن کي) ڪُوڙ ڀانئي ۽ منھن موڙي تنھن تي عذاب (مقرر ٿيل) آھي
قَالَ فَمَنْ رَبُّكُمَا يَا مُوسَىٰ
(فرعون) چيو تہ پوءِ اي موسىٰ! اوھان جو رب ڪير آھي؟
قَالَ رَبُّنَا الَّذِي أَعْطَىٰ كُلَّ شَيْءٍ خَلْقَهُ ثُمَّ هَدَىٰ
(موسىٰ!) چيو تہ اسان جو رب اُھو آھي جنھن ھر شئي کي سندس صورت بخشي وري ھدايت ڪيائين

Choose other languages: