Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #113 Translated in Sindhi

يَوْمَئِذٍ لَا تَنْفَعُ الشَّفَاعَةُ إِلَّا مَنْ أَذِنَ لَهُ الرَّحْمَٰنُ وَرَضِيَ لَهُ قَوْلًا
جنھن کي الله موڪل ڏني ۽ اُن جي چوڻ کان راضي ٿيو تنھن کانسواءِ اُن ڏينھن ڪا سفارش فائدو نہ ڏيندي
يَعْلَمُ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَلَا يُحِيطُونَ بِهِ عِلْمًا
جيڪي سندن اڳتان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (ماڻھو) کيس سندن علم سان نٿا ڄاڻي سگھن
وَعَنَتِ الْوُجُوهُ لِلْحَيِّ الْقَيُّومِ ۖ وَقَدْ خَابَ مَنْ حَمَلَ ظُلْمًا
۽ سڀ چھرا سدائين جيئري، (جڳ کي) قائم رکندڙ عاجزي ڪندڙ آھن، ۽ جنھن ظلم (جو بار) کنيو سو بيشڪ نامراد ٿيو
وَمَنْ يَعْمَلْ مِنَ الصَّالِحَاتِ وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَلَا يَخَافُ ظُلْمًا وَلَا هَضْمًا
۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن (بہ) ھوندو سو نڪي ظلم کان ۽ نڪي نقصان کان ڊڄندو
وَكَذَٰلِكَ أَنْزَلْنَاهُ قُرْآنًا عَرَبِيًّا وَصَرَّفْنَا فِيهِ مِنَ الْوَعِيدِ لَعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ أَوْ يُحْدِثُ لَهُمْ ذِكْرًا
۽ اھڙي طرح اھو عربي قرآن لاٿوسون ۽ منجھس طرحين طرحين دڙڪا بيان ڪياسون تہ منَ اُھي ڊڄن يا (اُھو) اُنھن لاءِ نصيحت پيدا ڪري

Choose other languages: