Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #66 Translated in Sindhi

وَقَالُوا مَا لَنَا لَا نَرَىٰ رِجَالًا كُنَّا نَعُدُّهُمْ مِنَ الْأَشْرَارِ
۽ (دوزخي) چوندا تہ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي، جو (انھن مسلمانن مسڪينن) ماڻھن کي نہ ٿا ڏسون، جن کي بڇڙن مان ڳڻيندا ھئاسون؟
أَتَّخَذْنَاهُمْ سِخْرِيًّا أَمْ زَاغَتْ عَنْهُمُ الْأَبْصَارُ
(ناحق) ساڻن ٺـٺوليون ڪندا ھئاسون ڇا يا کانئن (اسان جون) اکيون ترڪيون آھن؟
إِنَّ ذَٰلِكَ لَحَقٌّ تَخَاصُمُ أَهْلِ النَّارِ
بيشڪ دوزخين جو پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ اِھا (ھڪ) سچي (ڳالھ) آھي
قُلْ إِنَّمَا أَنَا مُنْذِرٌ ۖ وَمَا مِنْ إِلَٰهٍ إِلَّا اللَّهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ
(کين) چئو تہ، آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان ۽ (رڳو) اڪيلي زبردست الله کانسواءِ (ٻيو) ڪوبہ عبادت جو لائق نہ آھي
رَبُّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا الْعَزِيزُ الْغَفَّارُ
آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي، تنھنجو پالڻھار غالب بخشڻھار آھي

Choose other languages: