Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #69 Translated in Sindhi

قُلْ إِنَّمَا أَنَا مُنْذِرٌ ۖ وَمَا مِنْ إِلَٰهٍ إِلَّا اللَّهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ
(کين) چئو تہ، آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان ۽ (رڳو) اڪيلي زبردست الله کانسواءِ (ٻيو) ڪوبہ عبادت جو لائق نہ آھي
رَبُّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا الْعَزِيزُ الْغَفَّارُ
آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي، تنھنجو پالڻھار غالب بخشڻھار آھي
قُلْ هُوَ نَبَأٌ عَظِيمٌ
(کين) چئو تہ اِھو (قرآن) ھڪ وڏي خبر آھي
أَنْتُمْ عَنْهُ مُعْرِضُونَ
اوھين کانئس مُنھن موڙيندڙ آھيو
مَا كَانَ لِيَ مِنْ عِلْمٍ بِالْمَلَإِ الْأَعْلَىٰ إِذْ يَخْتَصِمُونَ
مون کي (اُنھي جماعت) وڏي مرتبي وارن ملائڪن (جي حال) جي ڪا خبر نہ آھي، جڏھن (اُھي) پاڻ ۾ سوال جواب ڪندا آھن

Choose other languages: