Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #65 Translated in Sindhi

قَالُوا رَبَّنَا مَنْ قَدَّمَ لَنَا هَٰذَا فَزِدْهُ عَذَابًا ضِعْفًا فِي النَّارِ
چوندا تہ اي اسان جا پالڻھار! جنھن اسان لاءِ ھيءَ (ڪُفر جي) پراڻي رسم ٺاھي ھجي، تنھن جي حق ۾ دوزخ ۾ ٻيڻو عذاب زيادہ ڪر
وَقَالُوا مَا لَنَا لَا نَرَىٰ رِجَالًا كُنَّا نَعُدُّهُمْ مِنَ الْأَشْرَارِ
۽ (دوزخي) چوندا تہ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي، جو (انھن مسلمانن مسڪينن) ماڻھن کي نہ ٿا ڏسون، جن کي بڇڙن مان ڳڻيندا ھئاسون؟
أَتَّخَذْنَاهُمْ سِخْرِيًّا أَمْ زَاغَتْ عَنْهُمُ الْأَبْصَارُ
(ناحق) ساڻن ٺـٺوليون ڪندا ھئاسون ڇا يا کانئن (اسان جون) اکيون ترڪيون آھن؟
إِنَّ ذَٰلِكَ لَحَقٌّ تَخَاصُمُ أَهْلِ النَّارِ
بيشڪ دوزخين جو پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ اِھا (ھڪ) سچي (ڳالھ) آھي
قُلْ إِنَّمَا أَنَا مُنْذِرٌ ۖ وَمَا مِنْ إِلَٰهٍ إِلَّا اللَّهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ
(کين) چئو تہ، آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان ۽ (رڳو) اڪيلي زبردست الله کانسواءِ (ٻيو) ڪوبہ عبادت جو لائق نہ آھي

Choose other languages: