Quran Apps in many lanuages:

Surah Nooh Ayahs #14 Translated in Sindhi

فَقُلْتُ اسْتَغْفِرُوا رَبَّكُمْ إِنَّهُ كَانَ غَفَّارًا
پوءِ چيم تہ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو، ڇو تہ اُھو بخشڻھار آھي
يُرْسِلِ السَّمَاءَ عَلَيْكُمْ مِدْرَارًا
تہ گھڻو وسندڙ مينھن اوھان تي لڳولڳ وسائي
وَيُمْدِدْكُمْ بِأَمْوَالٍ وَبَنِينَ وَيَجْعَلْ لَكُمْ جَنَّاتٍ وَيَجْعَلْ لَكُمْ أَنْهَارًا
۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ڏئي ۽ اوھان کي نَھرون بڻائي ڏي
مَا لَكُمْ لَا تَرْجُونَ لِلَّهِ وَقَارًا
اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي، جو الله جي وڏائيءَ جو ويساھ نہ ٿا رکو؟
وَقَدْ خَلَقَكُمْ أَطْوَارًا
حالانڪ اوھان کي مختلف مرحلن ۾ خلقيائين

Choose other languages: