Quran Apps in many lanuages:

Surah Nooh Ayahs #16 Translated in Sindhi

وَيُمْدِدْكُمْ بِأَمْوَالٍ وَبَنِينَ وَيَجْعَلْ لَكُمْ جَنَّاتٍ وَيَجْعَلْ لَكُمْ أَنْهَارًا
۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ڏئي ۽ اوھان کي نَھرون بڻائي ڏي
مَا لَكُمْ لَا تَرْجُونَ لِلَّهِ وَقَارًا
اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي، جو الله جي وڏائيءَ جو ويساھ نہ ٿا رکو؟
وَقَدْ خَلَقَكُمْ أَطْوَارًا
حالانڪ اوھان کي مختلف مرحلن ۾ خلقيائين
أَلَمْ تَرَوْا كَيْفَ خَلَقَ اللَّهُ سَبْعَ سَمَاوَاتٍ طِبَاقًا
نہ ڏسندا آھيو ڇا تہ الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو؟
وَجَعَلَ الْقَمَرَ فِيهِنَّ نُورًا وَجَعَلَ الشَّمْسَ سِرَاجًا
۽ انھن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي (چمڪندڙ) ڏيئو ڪيائين

Choose other languages: