Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #100 Translated in Sindhi

وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ بِآيَاتِنَا وَسُلْطَانٍ مُبِينٍ
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجين نشانين ۽ پڌري حجت سان موڪليوسون
إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَئِهِ فَاتَّبَعُوا أَمْرَ فِرْعَوْنَ ۖ وَمَا أَمْرُ فِرْعَوْنَ بِرَشِيدٍ
فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ (سڀ ماڻھو) فرعون جي حُڪم جي پويان لڳا، ۽ فرعون جو حُڪم صحيح نہ ھو
يَقْدُمُ قَوْمَهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فَأَوْرَدَهُمُ النَّارَ ۖ وَبِئْسَ الْوِرْدُ الْمَوْرُودُ
قيامت جي ڏينھن (فرعون) پنھنجي قوم جو اڳواڻ ٿيندو پوءِ کين باھ ۾ گھيڙيندو، ۽ جنھن گھٽ ۾ گھيڙيا ويندا سو بڇڙو آھي
وَأُتْبِعُوا فِي هَٰذِهِ لَعْنَةً وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ ۚ بِئْسَ الرِّفْدُ الْمَرْفُودُ
۽ ھن (دنيا) ۾ (بہ) لعنت اُنھن کي پويان لڳائي ويئي ۽ قيامت جي ڏينھن (بہ)، جيڪو (لعنت جو) انعام ملين سو بڇڙو آھي
ذَٰلِكَ مِنْ أَنْبَاءِ الْقُرَىٰ نَقُصُّهُ عَلَيْكَ ۖ مِنْهَا قَائِمٌ وَحَصِيدٌ
(اي پيغمبر!) اِھي ڳوٺن جون خبرون آھن جي تو تي بيان ڪريون ٿا اُنھن مان (ڪي) قائم بيٺل ۽ (ڪي) ناس ٿيل آھن

Choose other languages: